ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13649   ڀيرا پڙهيو ويو

چيتا ٻلي (Genet)


چيتا ٻلي (Genet) جهنگلي ٻلين جي هڪ جنس آهي، جيڪا رنگ روپ جي لحاظ کان هُو بهو چيتي جهڙي ٿئي ٿي. رنگ جي لحاظ کان هن ٻليءَ جا پنج قسم آهن، پر گهڻي ڀاڱي هي ٻلي پيلي ۽ ڀورڙي ٿيندي آهي ۽ مٿس ڪاري رنگ جا چٽا ٿين ٿا، البته ايشيا ۽ يورپ ۾ ملندڙ چيتا ٻليءَ تي اهي داغ هلڪا ۽ ٿورا ٿين. چيتا ٻليءَ جو جسم ڊگهو ۽ سندس ٽنگون ننڍيون ٿينديون آهن. ننڍين ٽنگن سبب قدبت ۾ جهنگراڙ ٻلي کان ڪجهه وڏي ٿئي.  چيتا ٻليءَ جا ڪجهه قسم قدري ننڍا آهن، جن مان هڪ جنس ته نور جيتري ٿيندي آهي، چيتا ٻليءَ جو منهن ۽ نڪ ڊگهو، ڪن گول، پُڇ وريل، جنهن تي ڪارا ۽ اڇا داغ ٿين سندس پڇ جي ڊيگهه هڪ  فوٽ کان ٻه فوٽ ٿئي ٿي، جيڪو وڏن وارن ڪري گهڻو ٿلهو نظر ايندو آهي. جڏهن ته مٿي کان ڌڙ تائين ڊيگهه هڪ کان ٻه فوٽ ۽ سندس وزن ٻه ڪلو گرام ٿيندو آهي.

چيتا ٻلي ويڙهه ۽ دهشت جي حوالي سان ببر شينهن، چيتي ۽ چراخ جهڙو مزاج رکي ٿي. هيءَ ڏينهن جي وقت ڪنهن ڏر، وڻن جي پور، گهاٽي گاهه يا ٿٻ ۾ لڪي آرام ڪندي آهي ۽ صرف رات جو شڪار جي خيال سان ٻاهر نڪرندي آهي. سندس حافظو تيز  ٿئي ٿو،  ان ڪري هڪ ڀيرو جتان به لنگهي وڃي، پوءِ اهو گس کيس هميشه لاءِ ياد ٿي ويندو آهي. چيتا ٻلي اڪثر اڪيلو گذاري ۽ صرف لڳ وارن ڏينهن ۾ جوڙي جي صورت ۾ نظر ايندي آهي. هيءَ پنهنجي نسلي جبلت مطابق چيتي وانگر، لڪي، خاموشيءَ سان، پير پير تي ڏيئي شڪار تي حملو ڪندي آهي. چيتا ٻلي کاڌو حاصل ڪرڻ لاءِ 66 سيڪڙو پاڻ مرادو شڪار ڪندي آهي ۽ 34 سيڪڙو ٻين جانورن جو بچيل شڪار کائي ٿي. سندس خوراڪ ۾  پکي، جانور ۽ جيت شامل آهن. جهنگ ۾ هي ٻلي ڪوئا، نانگ ۽ سانڊيون وغيره ڳولي کائيندي آهي. هيءَ ٻلي سٺي چاڙهو پڻ آهي، ان ڪري آسانيءَ سان وڻن تي چڙهي سگهي ٿي. ان ڪري وڻن تي ويٺل پکي جهپ هڻي کائي ويندي آهي. چيتا ٻلي ميوو پڻ شوق سان کائي ٿي.

چيتا ٻليءَ جي حمل جو مدو 90 کان 100 ڏينهن ٿيندو آهي ۽ هر پيٽ تي هڪ کان ٽي ٻچا ڄڻي ٿي، جن کي هوءَ ڏر يا ڪاٺ جي پور ۾ لڪائي رکندي آهي، جنهن ۾ اڳواٽ ئي گاهه وڇائي، نرم هنڌ ٺاهي  ٿي. ڄمڻ وقت ٻچا انڌا هوندا آهن ۽ اٺن ڏينهن اندر اکيون کولين ٿا. شروع ۾ ماءُ کين کير پياريندي ۽ ڪيل شڪار کارائيندي آهي. هڪ سال جي عمر ۾ ٻچا ماءُ سان گڏ شڪار ڪندا آهن ۽ تقريباً ٻن سالن جي عمر ۾ بالغ ٿي وڃن ٿا.

هي بهترين ڊوڙو ٻلي آهي،  ان ڪري سٺ ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙي سگهي ٿي. سندس سراسري عمر 25 سال ٿئي ٿي. چيتا ٻلي آفريڪا، وچ ايشيا ۽ اُتر يورپ ۾ رهي ٿي.