ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13657   ڀيرا پڙهيو ويو

ڊيون ريڪس Devon rex


ڊيون ريڪس، وچولي جسامت رکندڙ هڪ پالتو ٻلي آهي. هي Shorthair (ننڍي ٻُر) وارين ٻلين جو خار آهي. کيس ’پيڪسي ڪيٽ‘  Pixie cat پڻ چيو ويندو آهي. نسلي لحاظ کان ’ريڪس‘ (rex) ٻليءَ جا چار قسم ٿين ٿا، جيڪي ترتيبوار ’ڪارنش ريڪس‘ Cornish rex،’جرمن ريڪس‘ German rex، ’سيمڪش ريڪس‘ Semkisk rex ۽ ’ڊيون ريڪس‘ Devon rex جي نالن سان سڏجن ٿا. ڊيون ريڪس قدبت جي لحاظ کان وچولي قسم جي ٻلي آهي، هن ٻليءَ جا ڪن وڏا، مٿو ننڍو، پڇ مٿي مُڙيل، اکيون وڏيون ۽ بوناڙ سنهون ٿيندو آهي. سندس اکيون چهچ سايون يا سايون پيليون ٿين ۽ ڪڏهن ائين به ٿئي ته هڪ سائي ۽ ٻي پيلي ٿئي، نج پيلين اکين واري ڪاورلي نظر اچي. هن ٻليءَ جا ڪيترائي رنگ ٿين ٿا، جن مان سليٽي، ڪارو، اڇو ۽ بادامي ذڪر جوڳا آهن. ڊيون ريڪس جي جسم تي ننڍي، رڍ وانگر گهنڊيدار ۽ غير ترتيبوار ٻُر ٿيندي آهي، جنهن ڪري هي ٻلي پنهنجي ڌار سڃاڻپ رکي ٿي.

ڊيون ريڪس جي هڪ ماديءَ جو وزن 2 کان 3 ڪلوگرام جڏهن ته نر جو وزن 3 کان 4 ڪلو گرام ٿيندو آهي.

’ڊيون ريڪس‘ هوشيار ۽ دوست مزاج ٻلي آهي، راند جي به گهڻي شوقين آهي، تنهن ڪري هر وقت ٽپ پئي ڏيندي آهي. کيس نوس نوس ڪرڻ ۽ رلڻ پنڻ جي گهڻي عادت آهي. پوءِ به گهنڊيدار ٻُر ۽ دوست مزاج هئڻ  ڪري کيس چاهه سان پاليو وڃي ٿو.