ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13644   ڀيرا پڙهيو ويو

فليٽ هيڊيڊ ڪيٽ Flat headed cat


 تراکڙي ۽ نرالي مٿي واري هن ٻلي ءَ کي انگريزيءَ ۾ فليٽ هيڊيڊ ڪيٽ چيو وڃي ٿو. هي ٻلي  وڏي ٻُر(Longhair) وارين جهنگلي ٻلين جي هڪ جنس آهي، جيڪا گرم ملڪن ۾ رهي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو، ڏکڻ ٿائلينڊ، ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ سماترا جا پوسل وارا گرم ٻيلا ۽ جهنگ سندس جوءِ آهن. منهن مهانڊي ۾ هيءَ ٻلي نوريئڙي سان گهڻو ملندڙ جلندڙ ٿئي ٿي، پر هن جي مشهوريءَ جو اهم سبب سندس نرالي قسم جو تراکڙو مٿو آهي.

هن ٻليءَ جا ڪن ننڍا ۽ گول چوٽيدار ٿين ٿا، سندس مٿو ويڪرو، تراکڙو ۽ نرالي نموني وارو هوندو آهي، جڏهن ته سندس  اکيون وڏيون ۽ جسم ۽ پڇ تي وڏي ٻُر ٿيندي اٿس. وڏي ٻُر سبب هن جو پڇ ڪافي ٿلهو نظر ايندو آهي.  جڏهن ته جسم واري ٻُر مٿان ڪاري ۽ ڳاڙهي رنگ جا چٽا ٿين ٿا. هن ٻليءَ جو رنگ عام طور سونهري سليٽي  ٿئي، پر  هن جا ڪجهه ٻيا رنگ به ٿين ٿا جهڙوڪ: نيرو ڪارو وغيره. نيري ڪاري رنگ واري ٻليءَ جو منهن ۽ مٿو سونهري رنگ جو ٿئي. جڏهن ته ٻنهي رنگن واري ٻلين جو وات، ڄاڙي، سينو، پيٽ ۽ نڪ جا پاسا اڇا ٿيندا آهن.

قدبت ۾ هيءَ لڳ ڀڳ پالتو ٻليءَ جيڏي ٿئي ٿي. سندس مٿي کان ڌڙ تائين ڊيگهه 15.5 کان 23.5 انچ ۽ پڇ جي ڊيگهه 5 کلان 7 انچ، جڏهن ته هڪ صحتمند نر جو وزن 2 کان اڍائي ڪلو گرام ۽ مادي جو وزن هڪ کان ٻه ڪلو گرام ٿيندو آهي.

هن ٻليءَ جا رويا ۽ عادتون گهڻي ڀاڱي مڇي مار ٻليءَ(Fishing cat)  سان ملن ٿا. مڇي مار ٻليءَ وانگر هيءَ سٺي تارو پڻ آهي، هن جاويڪرا چنبا ترڻ ۾ سندس  مدد ڪن ٿا. سٺي تارو هجڻ ڪري پاڻي مان مڇيون ۽ ڏيڏر پڻ جهپي کائيندي آهي. هن جي خوراڪ ۾ ڪوئا، ڇڇوندر، جيت، مڇيون ۽ ڏيڏر وغيره شامل آهن. سندس ڏند تکا ٿين ٿا، انڪري مڇي سميت هر قسم جي خوراڪ چيري ڦاڙي کائي وڃي ٿي.

’فليٽ هيڊيڊ ڪيٽ‘ (Flat headed cat)جي مادي 55 کان 60 ڏينهن جي حمل بعد 1 کان 3 ٻچا ڄڻي ٿي، جيڪي 12 کان 14 سال حياتي ماڻين ٿا.