ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13725   ڀيرا پڙهيو ويو

ميني ڪُون ٻلي Maine coon cat


هن پالتو ٻليءَ جو اصل وطن اُتر آمريڪا جو علائقو ’ميني‘ (Maine) آهي، هي ميني علائقي جي ٻن مختلف نسلن جي ٻلين جو خار آهي. هن ٻليءَ ۾ ’رَڪُون‘ Racoon  (نور جهڙي ڪئناڊائي جانور) جون گهڻيون عادتون موجود آهن، جنهن ڪري کيس ’ميني ڪُون‘ Maine coon سڏيو وڃي ٿو. هي دنيا جي وڏي ۾ وڏي پالتو ٻلي آهي. حيوانيات جي ماهرن جو خيال آهي ته ريگڊال ۽ ميني ڪون دنيا جون وڏي ۾ وڏيون پالتو ٻليون آهن، پر  ميني ڪون ريگڊال کان به وڏي  ٿئي ٿي، قدبت ۾ ميني ڪون گهريلو ٻليءَ کان لڳ ڀڳ ٽيڻي ۽ چؤڻي ٿيندي آهي. هي وڏي ٻُر(longhair)واري ٻلي آهي، پر يورپ ۾ نسل رانيءَ ذريعي هن جو هڪ اهڙو قسم به تيار ڪيو ويو  آهي، جنهن جي جسم تي ننڍي ٻُر آهي. هن ٻليءَ جا ڪيترائي رنگ ٿين ٿا، جن ۾ نيرو، هيڊو بادامي، هيڊو واڱڻائي، بوسڪي، ڀورو، ڪارو، سونهري ۽ ادرڪي شامل آهن.

هن ٻليءَ جي مٿي کان پولهه تائين سراسري ڊيگهه تقريباً چار فوٽ ۽ وزن 10 کان 12 ڪلو گرام ٿيندو آهي.

ميني ڪون هوشيار ۽ پيار ڪندڙ ٻلي آهي. هي ماڻهن توڙي ٻين پالتو جانورن سان دوستاڻو ۽ پنهنجائپ وارو سڀاءُ رکي ٿي، جنهن ڪري کيس گهڻو پسند ڪيو  وڃي ٿو. طبيعت جي لحاظ کان ماٺيڻي ۽ چست  آهي، انڪري هر ڪم ۾ ڦڙت هوندي آهي. ماٺيڻي طبيعت، چستي ۽ جسم تي پشمي ٻُر سبب کيس وڏي چاهه سان پاليو وڃي ٿو.

ميني ڪون ٻلي هڪ پيٽ تي 3 کان 5 ٻچا ڄڻي ٿي ۽ سندس سراسري عمر 12 سال ٿيندي آهي.