ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13711   ڀيرا پڙهيو ويو

بنگالي واگهه Bengali an tiger


واگهه جي نسل جي هن جنس کي بنگالي واگهه سڏيو وڃي ٿو. هن واگهه جو اصل وطن هندستاني بنگال ۽ بنگلاديش آهي. سونهري واگهه پڻ بنگالي واگهه جي هڪ جنس آهي، جيڪا هندستان ۽ بنگال جي سرحدي ٻيلن ۾ رهي ٿي. بنگالي واگهه جي نر جو، ڪلهن تائين قد 3 فوٽ، مٿي کان ڌڙ تائين ڊيگهه 6 کان 8 فوٽ، پُڇ جي ڊيگهه 3 فوٽ، کوپڙي جي گولائي 10 کان 15 انچ ۽ وزن 225 ڪلوگرام تائين ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته ماديءَ جو ڪلهن تائين قد اڍائي فوٽ، مٿي کان ڌڙ تائين ڊيگهه 5 کان 6 فوٽ، پڇ جي ڊيگهه 2 کان ٽي فوٽ، کوپڙيءَ جي گولائي 8 کان 12 انچ ۽ وزن 135 ڪلو گرام ٿيندو آهي.

بنگالي واگهه جهنگلي جانور آهي، ان ڪري اڪثر وڏن گهاٽن جهنگن ۾ رهندو آهي. بنگالي واگهه ڏينهن جو آرام ۽ رات جي وقت شڪار ڪندو آهي. سندس خوراڪ ۾ مختلف قسم جا جهنگلي جانور، پکي ۽ ريڙهيون پائيندڙ شامل آهن.

بنگالي واگهه جي مادي 98 کان 110 ڏينهن جي حمل کان پوءِ ٻه کان ٽي ٻچا ڏئي ٿي. هي واگهه هندستان ۽ بنگلاديش کان سواءِ ، نيپال، ڀوٽان، برما ۽ تبت ۾ پڻ ملي ٿو.