ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13694   ڀيرا پڙهيو ويو

بنگالي ٻلي Bengal cat


بنگالي ٻلي نسل راني ذريعي تيار ڪيل هڪ هٿرادو جنس آهي. شڪل شبيهه مان هي ٻلي جهنگلي لڳي ٿي، پر اصل ۾ پالتو  آهي. هن جو شمار ننڍي ٻُر (Sort hair) وارين ٻلين ۾ ٿئي ٿو، پر سندس ٻُر تمام ننڍي ۽ ڍڳي جي کل (Pelt) جهڙي ٿيندي آهي. بنگالي ٻليءَ جا ڪيترائي رنگ ٿين ٿا، جن ۾ سليٽي، چاندي رنگي، خاڪي، مرمري ۽ سونهري شامل آهن، پر سليٽي ۽ سونهري رنگ گهڻا مشهور آهن. هنن سمورن رنگن وارين ٻلين جون اکيون سايون يا سونهري ٿين ٿيون. هن ٻليءَ جو هڪ رنگ ڪارن چٽن سان اڇو پڻ ٿيندو آهي، هن ٻليءَ جي ڪنن تي ڪو به  چٽو نه  ٿو ٿئي، جڏهن ته پُڇ تي چار کان پنج ڪاري رنگ جا ڇلا ٿيندا آهن ۽ پُڇ جي چوٽي ڪاري يا وري پيلي رنگ جي ٿئي ٿي. جسماني لحاظ کان هي وچولي جسامت ۽ مضبوط مشڪن واري ٻلي آهي.

هي هوشيار چست  ۽ قسم جي ٻلي آهي. مالڪ سان سندس اڻٽٽ رشتو هوندو آهي. هي هميشه مالڪ يا گهر ڀاتين جي توجهه لاءِ واجهائيندي رهندي آهي ۽ حد کان وڌيڪ دوست مزاج پڻ آهي. بنگالي ٻلي سڄو ڏينهن ڊوڙي ڊڪي ۽ ٽپڪيون ڏيئي کيڏندي رهندي آهي. راند جي گهڻي شوقين آهي ۽ سٺي چاڙهو پڻ آهي، ان ڪري وڏن وڏن وڻن تي چڙهي ويندي آهي ۽ وڏا ٽپُ پڻ ڏئي سگهندي آهي. منجهس سکڻ جي صلاحيت  آهي، تنهنڪري جيڪا شيءِ کيس سيکاربي آهي اُها جهٽ سکي وٺندي آهي ۽ اُن تربيت موجب هلندي آهي ۽ ايستائين جو آئي وَئي کي هٿ پڻ ڏيندي آهي. کيس پاڻي تمام گهڻو وڻندو آهي، انڪري جنهن ٿانءُ ۾ کيس پاڻي ڏبو آهي، هي پهرين ته ان سان راند کيڏندي آهي، پوءِ پيئندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته شاور هيٺ يا ٽَبَ ۾ به وڃي ويهي رهندي آهي.

بنگالي ٻليءَ جو مادي ٻچو 5 کان 7 مهينن ۾ بالغ ٿئي ٿو، جڏهن ته نر 9 کان 12 مهينن ۾ بالغ ٿيندو آهي. پنهنجي ، ڏاهپ، ڦڙتي ۽ دوست مزاجيءَ سبب  هن ٻليءَ کي وڏي شوق سان پاليو وڃي ٿو.