ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13693   ڀيرا پڙهيو ويو

سِروَل Serval


سِروَل خونخوار ٻلي آهي، جيڪا نسلي طرح ڪاراڪل، اڇي  سِروَل، سونهري ۽ مرمري ٻلين جي خاندان سان تعلق رکي ٿي. هن ٻليءَ جي سراسري ڊيگهه 32 کان 40 انچ ۽  پڇ 14 انچ ڊگهو ٿيندو آهي. جڏهن ته ڪلهن تائين قد وڌ ۾ وڌ 20 کان 24 انچ ٿئي ٿو. نر سرول جي ڀيٽ ۾ مادي جو وزن قدري گهٽ ٿئي ٿو.  هن جي ماديءَ جو وزن 15 ڪلو ۽ نر جو وزن وڌ کان وڌ 26 ڪلوگرام تائين ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته سندس عمر 12 کان 16 سال ٿيندي آهي، پر اهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته اهي سِروَل ٻليون، جيڪي راڻي باغن يا گهريلو پڃرن ۾ ڌاريون وڃن ٿيون، اهي 20 کان 25 سالن تائين پڻ جيئريون رهن ٿيون.

جيئن ته سِروَل ٻليءَ ۾ سنگهڻ جي قوت تمام ٿوري ٿيندي آهي. ان ڪري شڪار جي ڳولا وارو ڪم هي ڪنن کان وٺندي آهي. سندس ڪن هڪڙي هنڌ ٽڪيل نه رهندا آهن. منجهس ٻڌڻ جي بي پناهه قوت آهي، هي ڪنن کي 180 ڊگري تائين ڦيرائي سگهي ٿي. ان ڪري هڪ ڪن سامهون ته ٻيو پوئتي موڙي آس پاس هلڪي ۾ هلڪو آواز پڻ ٻڌي وٺندي آهي. هن ٻليءَ جو مٿو ننڍو ۽ جسم تي پشم جهڙي سونهري ٻر ٿيندي آهي، جيڪا عمر جي حساب سان پنهنجو رنگ مٽائيندي رهندي آهي. انهيءَ ٻر يا جسم مٿان هلڪي رنگ جا ڪارا چٽا ٿيندا آهن. ٻه کان چار ڪارا پٽا مٿي کان شروع ٿي ڪلهن تي اچي ختم ٿيندا آهن. سِروَل ٻليون سوانا جي ريگستان ۽ آفريڪا جي جابلو علائقن ۾ ملن ٿيون، جتي هو اهڙي هنڌ رهن ٿيون، جتي پاڻيءَ جا واهڙ گهڻا هجن. خشڪ علائقن ۾ هي ٻلي ورلي نظر ايندي. سِرول ٻلي تارو آهي ۽ مڇي شوق سان کائي ٿي. ان کان سواءِ نوريئڙا، ڪوئا سانڊيون وڻن تي ويٺل پکي پڻ سندس خوراڪ ۾ شامل آهن. هي ٻلي اڪثر رات جو شڪار ڪندي آهي. شڪار وقت 10 فوٽ ڊگهو ٽپ ڏئي سگهي ٿي ۽ 80 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙي سگهي ٿي. 20 فوٽ اوچو اڏامندڙ پکي ٽپ ڏيئي سوگهو ڪري وٺندي آهي. اڇي سِرول هاڻ جهنگ ۾ نه بچي آهي، پر ماڻهن وٽ يا راڻي باغن ۾ پاليل نظر اچي ٿي. قديم مصري لوڪ ۾ هن ٻليءَ کي ديوتا جو درجو حاصل هو.