ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13640   ڀيرا پڙهيو ويو

ايشيائي سونهري ٻلي Asian golden cat


دنيا ۾ سونهري ٻليءَ (Golden cat) جا ٻه قسم آهن،  انهن مان جيڪا آفريڪا ۾ رهي ٿي تنهن کي آفريڪي سونهري ٻلي (African golden cat) چئجي ٿو ۽ جيڪا ايشيا جي ڏکڻ اوڀر وارن ملڪن ۾ رهي، ان کي ”ايشيائي سونهري ٻلي (Asian golden cat) چيو ويندو آهي. هي گرم ۽ برساتي علائقن جي ٻلي آهي، جنهن ڪري پاڪستان، هندستان، بنگلاديش، برما، ٿائيلينڊ، مليشيا، سماترا، ڪمبوڊيا ۽ لائوس وغيره جا برساتي جهنگل سندس گهر آهن. ايشيائي سونهري ٻليءَ جو هڪ قسم چٽڪمرو پڻ ٿئي، جيڪو 3000 فوٽن جي اوچائي تي چين ۽ نيپال جي پهاڙن ۾ رهي ٿو.

سونهري ٻليءَ جو رنگ سون جهڙو ٿيندو آهي، جنهن ڪري کيس سونهري ٻلي سڏيو وڃي ٿو، ان کان سواءِ هن جا ٻيا گاڏڙ ساڏڙ رنگ پڻ ٿين ٿا، جن مان سونهري سليٽي ۽ خاڪي سليٽي وڌيڪ مشهور آهن. قدبت جي لحاظ کان سونهري ٻليون ننڍيون به ٿين ۽ وڏيون پڻ.سندن وزن 9 کان 16 ڪلو گرام ۽ ڊيگهه 30 کان 41 انچ ٿيندي آهي، جڏهن ته ڪلهن تائين سندن قد 16 کان 24 انچ ٿئي ٿو.

سونهري ٻلي جو پڇ ڊگهو ٿيندو آهي، آفريڪي سونهري جي منهن تي ڪو به داغ ڪو نه ٿئي، جڏهن ته ايشيائي سونهري ٻلي جي منهن ۽ مٿي تي بحريني ٻلي وانگر ڪاري ۽ سليٽي رنگ جا ڊگها پٽا ٿيندا آهن ۽ اکين وٽ اڇي رنگ جا اڀا داغ ٿين ٿا. سڀني سونهري ٻلين جي ڳچي، پيٽ، ٽنگن ۽ پڇ جو اندريون حصو اڇي ٻُر سان ڍڪيل هوندو آهي.

سونهري ٻليون جهنگلي آهن، ان ڪري وقتي وڻن تي پڻ چڙهي وينديون آهن، پر زندگيءَ جو گهڻو وقت هو زمين تي گذارين ٿيون ۽ رات جي وقت شڪار ڪنديون آهن. شڪار جي سانگي سان هي ٻلي هڪ رات ۾ 9 ڪلوميٽر پند ڪري سگهي ٿي.

ڦڙت ۽ سگهاري هئڻ ڪري ايشيائي سونهري ٻلي هرڻ، رڍ ۽ ٻڪريءَ جو شڪار پڻ ڪري سگهي ٿي، ان کان سواءِ پکي، ڏرن ۾ رهندڙ ۽ ريڙهيون پائيندڙ جانور پڻ هن جي خوراڪ ۾ شامل آهن.

ايشيائي سونهري ٻليءَ جي مادي هڪ تُور ۾ هڪ کان ٽي ٻچا ڏيندي آهي ۽ سندس پيٽ جو مدو 75 کان 80 ڏينهن ٿئي ٿو. سندس ٻچا 10 کان 14 مهينن ۾ بالغ ٿي ويندا آهن ۽ وڌ ۾ وڌ 20 سالن جي عمر ماڻين ٿا.