ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13684   ڀيرا پڙهيو ويو

جيگئار Jaguar


جيگئار ڏاڍو خطرناڪ ۽ چست جانور آهي. کيس حيوانيات جي علم وارا وڏي ٻلي به چون ٿا ته شينهن به. هن جانور جو گهڻو تعداد آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جي سرحد تي ملي ٿو. جيگئار قديم آمريڪي لفظ ”يئگئار“ (Yaguar)  جي بگڙيل صورت آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ”اهو، جيڪو ٽپ ڏئي ماري.“ پينٿرا نسل جو جانور هئڻ ڪري جيگئار جو آواز ببر شينهن سان ملي ٿو، پر وقتي ٻليءَ وانگر پڻ آواز ڪڍي ٿو ۽ ڪنهن مهل ننڍي پاڏي وانگر رنڀون ڪندو آهي، جيگئار جو رنگ نارنگي پيلو ۽ هلڪو سانورو ٿئي ٿو، ۽ مٿس ڪارا چٽا ٿين ٿا. پاسن ۽ پٺيءَ تي ٻه، ٽي يا چار چٽا گڏ جي گلن جهڙي شڪل ٺاهيندا آهن. وات، ڳچي ۽ پيٽ اڇو ٿئي، پيٽ ۽ ٽنگن تي ڪجهه وڏا ڪارا چٽا ۽ مٿي تي گهاٽا ڪارا چٽا ٿين ٿا، جڏهن ته ڪن، ننڍا گول ۽ هڪٻئي کان ڪافي پري ٿيندا آهن. نسلي اثر سبب جيگئار جي پيٽان ڄاول ڪي جيگئار ڪاري رنگ جا هوندا آهن ته ڪن جي چمڙي وري گهري سليٽي ٿئي، جنهن تي ڪارا چٽا ٿين ٿا، اهڙي جيگئار کي ڪارو پينٿر (Black Panther) سڏيو ويندو آهي.

جيگئار جي سر کان ڌڙ تائين ڊيگهه 5 کان 6 فوٽ، پڇ جي ڊيگهه 27 کان 36 انچ ٿئي، جڏهن ته سندس ڪلهن تائين قد 27 کان 30 انچ ٿيندو آهي ۽ وزن 56 کان 100 ڪلوگرام هوندو آهي، پر هڪ وڏي نر جو وزن ببر شينهن جي مادي برابر وڌ ۾ وڌ 159 ڪلو گرام ۽ گهٽ ۾ گهٽ 36 ڪلو گرام ٿي سگهي ٿو. جيگئار جي مادي نر جي ڀيٽ ۾ 10 کان 20 سيڪڙو ننڍي ۽ هلڪي ٿئي ٿي.

هي گرم ۽ خشڪ علائقن جو جانور آهي، گهڻو ڪري جهنگن، گاهيري ميدانن، صحرائن، ڍنڍن ۽ ندين جي ڪناري واري وڻڪار ويجهو رهندو آهي. جيگئار اڪيلائي پسند جانور آهي، تنهن ڪري اڪثر اڪيلو گهمندو ۽ شڪار ڪندو آهي. شڪار لاءِ هي ڪيترن ميلن جي ايراضي والاري ويهندو آهي. سٺو تارو آهي، ان ڪري مڇي، ڪڇون ۽ پاڻيءَ جا ٻيا جانور جهلي کائيندو آهي. هي وڻن تي به آسانيءَ سان چڙهي سگهي ٿو. ان ڪري ويٺل پکين کي پڻ کائي وڃي ٿو. سندس خوراڪ ۾ هرڻ، سيڙهه، سوئر ۽ سها وغيره شامل آهن. جيگئار جي شڪار جو طريقو به ڪافي دلچسپ آهي. هي جڏهن وڻ تي ويٺل هوندو آهي ۽ شڪار کي ويجهو ايندو ڏسندو آهي تڏهن پهرين پڇ کي ٻليءَ وانگر هيٺ مٿي لوڏيندو آهي ۽ پوءِ جڏهن شڪار سندس پهچ ۾ اچي ويندو آهي، تڏهن وڻ تان ٽپ ڏيئي، اچي ان جي پٺيءَ تي ڪرندو آهي. ان وقت وڏي ڦڙتيءَ سان سندس ڳچيءَ ۾ چڪ وجهي لڙڪي پوي ٿو، جنهن ڪري زوردار گهٽي ۽ سندس دهشت سبب زخمي جانور گهڻو ڀڄي نه سگهندو آهي ۽ ڪجهه منٽن ۾ ساڻو ٿي زمين تي ڪري  مري ويندو آهي.

جيگئار جي مادي هڪ پيٽ تي 1 کان 4 ٻچا ڏي ٿي، جن کي هو، ڪنهن ڏر يا غار ۾ لڪائي رکندي آهي ۽ ٻين جانورن کان حفاظت لاءِ هر وقت سندن چوڪيداري ڪندي رهندي آهي ۽  ايستائين جو ٻچن جي پيءُ کي به ٻچن جي ويجهو اچڻ نه ڏيندي آهي. جيگئار جا ٻچا ٻن سالن جي عمر ۾ ماءُ کان شڪار ڪرڻ جو فن سکي وٺندا آهن. سهڻي کل سبب جهنگ ۾ جيگئار جو شڪار گهڻو ٿئي ٿو، پر پوءِ به ٻليءَ جي نسل وارن جانورن ۾ جيگئار جو تعداد سڀني کان وڌيڪ آهي، جيگئار جي سراسري عمر 12 کان 15 سال ٿئي ٿي.

هي جانور آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جي سرحد کان سواءِ آفريڪي جهنگلن ۽ ارجنٽينا ۾ وڏي تعداد ۾ ملي ٿو.