ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13652   ڀيرا پڙهيو ويو

ڪڪر تيندئو Clouded or bornean leopard


ايشيا جي جهنگن ۾ رهندڙ تيندئي کي ڪڪر تيندئو سڏجي ٿو. سندس جسم تي ڪڪرن وانگر چٽا ٿيندا آهن، جنهن ڪري مٿس نالو ئي ڪڪر تيندئو پئجي ويو آهي. پنهنجي رنگ ۽ ڪڪرن ڪري هي جانور جيتوڻيڪ تيندئي کان گهڻو مختلف آهي، پر عام طور کيس تيندئو ئي سڏيو  ويندو آهي. ڪڪر تيندئي جو رنگ سراسر پِيلو سليٽي ٿيندو آهي ۽ بدن تي ڪاري ۽ اڇي رنگ جا ڪڪر ٿيندا آهن، جڏهن ته مٿي تي چٽا،  ڪنڌ ۽ پٺيءَ جي ڪنڊي تي ڪارا پٽا ٿين ٿا. ڪڪر تيندئي جا ڪن ننڍا ۽  هڪٻئي کان پري ٿين، سندس ٽنگون ننڍيون، مضبوط ۽ لچڪيدار ٿينديون آهن. هي چنبن ۽ ٽنگن کي جنهن پاسي چاهي، سولائيءَ سان ڦيرائي سگهي ٿو. سندس پڇ ڊگهو ۽ لڳ ڀڳ سندس جسم جيترو ٿئي ٿو، جيڪو وڻن تي چڙهڻ وقت توازن قائم رکڻ ۾ کيس مدد ڏيندو آهي.

ڪڪر تيندئي جي سر کان ڌڙ تائين ڊيگهه 2.5 کان 3 فوٽ ۽ سندس پڇ جي ڊيگهه پڻ 3 فوٽن تائين هوندي آهي. هڪ نر ڪڪر تيندئي جو وزن 12 کان 25 ڪلو گرام، جڏهن ته مادي جو وزن 13 کان 18 ڪلو گرام ٿي سگهي ٿو. هن جو شمار چاڙهو جانورن ۾ ٿئي ٿو ۽ وزن ۾ گهڻو ڳرو نه هئڻ ڪري اوچن وڻن ۽ ننڍين ننڍين ٽارين تي پڻ چڙهي ويندو آهي ۽ وقتي اڳين چنبن ۽ چڪ جي مدد سان ٽارين ۾ ڀولڙي وانگر لڙڪي پڻ سگهندو آهي. هي پنهنجو گهڻو وقت وڻن تي گذاري ٿو.

ڪڪر تيندئي جا ڏند تکا ۽ شڪار وارا ’ڪاڻيٺا‘ (Canine) ڏند ٻه انچ ڊگها ٿين ٿا. هي شڪاري قسم جو جانور آهي ۽ سڄو ڏينهن وڻن جي ٻسانگين ۽ ٿٻن مٿان آرام ڪري سج لٿي مهل شڪار جي ڳولا ۾ نڪرندو آهي. سندس شڪار ۾ ٻڪريون، سيڙهه، هرڻ، سوئر، ڀولڙا، نوريئڙا، سها، ڪوئا ۽ مختلف قسم جا پکي شامل آهن،  جن کي ماري شوق سان کائيندو آهي. هي پڻ ٻين تيندئن وانگر شڪار وڻ جي چوٽيءَ تي کڻي وڃي کائيندو آهي.

ڪڪر تيندئي جي مادي هر سال فيبروري مهيني ۾ حمل ڪندي آهي ۽ تقريباً 85 کان 93 ڏينهن حمل سان رهڻ کان پوءِ هڪ کان 5 ٻچا ڏيندي آهي، جيڪي 5 مهينن تائين ماءُ جو کير پيئندا آهن ۽ 10 مهينن اندر بالغ ٿي ويندا آهن.

ڪڪر تيندئي جي خوبصورت کل سندس ساهه جي دشمن آهي، ڇو ته چيني ماڻهو کل جي سونهن سبب هن جو تمام گهڻو شڪار ڪن ٿا، جنهن ڪري سندس تعداد ۾ ڏينهون ڏينهن گهٽتائي اچي رهي آهي. هن وقت دنيا ۾ ڪڪر تيندئو ملائيشيا، ٿائلينڊ، تائيوان، سماترا، بورنيو Borneo، جاوا، نيپال، برما، ڏکڻ چين ۽ هماليه سلسلي جي 9000 فوٽ اوچائي وارن هنڌن تي ملي ٿو.