ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13659   ڀيرا پڙهيو ويو

صحرائي ٻلي Desert cat


عام گهريلو ٻليءَ جي ڀيٽ ۾ صحرائي ٻلي ٿوري وڏي ٿئي ٿي هن جا ڪيترائي رنگ ٿين ٿا. ڪٿي اها هلڪي ڀوري نظر اچي ٿي ته ڪٿي وري سليٽي ۽ پٿر جي رنگ جهڙي پيلي ٻُر هوندي اٿس. هن جا پٺا ۽ پاسا، ڳچي يا پيٽ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گهري رنگ جا ٿيندا آهن ۽ جسم تي ڀوري ۽ سليٽي رنگ جا ننڍا ننڍا چٽا ٿيندا اٿس. ڪٿي ڪٿي اهي چٽا اهڙا ته گهاٽا هوندا آهن جو اهي ڊگهن پٽن جو ڏيک ڏيندا آهن. سندس ڄاڙي، ڳچي ۽ پيٽ  واري  ٻُر اڇي رنگ جي ٿئي ٿي، جنهن تي ڪو به چٽو نظر نه ايندو آهي.

صحرائي ٻلي جو پڇ سَنهون ٿئي ٿو، جنهن جي پوئين اڌ تي ڀوري رنگ جا 4 کان 6 گول ڇلا ٿيندا آهن. جڏهن ته پڇ جي چوٽي ڪاري رنگ جي ٿيندي آهي.

هن ٻليءَ جو منهن وڏو، ويڪرو  ۽ ڪن هڪٻئي کان وٿيرڪا هوندا آهن. ڪنن جي پٺ وري بادامي زرد رنگ جي هوندي آهي، جڏهن ته منهن جي ٻنهي پاسي ڳٽن واري هنڌ ڀوري رنگ جا ٻه پٽا نمايان نظر ايندا آهن.

صحرائي ٻلي نج جهنگلي آهي، جيڪا وارياسي يا ميداني جهنگ ۾ رهي ٿي، جتي هي قدرتي کامن ۽ کوٽيل ڏرن ۾ رهندي ۽ ٻچا ڪندي آهي، يا وري اهڙن علائقن ۾ موجود پٿريلي ڇپن جي اوٽ ۾ سڄو ڏينهن آرام ڪري ٿي ۽ شڪار جي سانگي سان رات جي وڳڙي ۾  ٻاهر نڪرندي آهي. هن جي خوراڪ ۾ سها، ڪوئا، پکي، ريڙهيون ڏيندڙ ۽ طبي موت مئل جانور شامل آهن. ان کان سواءِ ويجهين وسندين ۾ داخل ٿي ماڻهن جا پالتو پکي پڻ کڻي ويندي آهي.

صحرائي ٻليءَ جي مادي 65 کان 75 ڏينهن ۾ 2 کان 3 ٻچا ڏي ٿي ۽ اڪيلي سر سندن پرورش ڪري ٿي. ٻچن جي اکين کولڻ تائين مادي ڪيڏانهن به نه ويندي آهي ۽ جڏهن سندس ٻچا اکيون کوليندا آهن، ان کان پوءِ هوءَ شڪار جي سانگي سان ٻاهر نڪري ٿي. هن جا ٻچا 6 کان 8 مهينن ۾ بالغ ٿينداآهن ۽ سراسري طور 16 سال جيئن ٿا.

صحرائي ٻليون وچ اوڀر جي ريگستاني علائقن کان سواءِ هندستان ۽ پاڪستان اندر پنجاب جي چُولستان ۽ ٿل، بلوچستان جي چاغي، قلات ۽ خاران. خيبر پختون خواهه جي ڊيري غازي خان، پهاڙپور، ڏکڻ وزيرستان ۽ وانا کان سواءِ سنڌ اندر ٿر پارڪر، عمرڪوٽ، ٺٽي، ميرپورساڪري، ڏوڪري، جيڪب آباد، گمبٽ، ناري، کيرٿر جي جابلو سلسلي، سامونڊي ڪناري ۽ سنڌو درياهه جي ڪچي وارن حصن ۾ ملي ٿي.