ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13656   ڀيرا پڙهيو ويو

بالي ٻلي Balinese cat


هي ٻلي وڏي ٻُر (Longhair) واري نسل جي هڪ جنس آهي.  بالي ٻلي منهن مهانڊي، رنگ، چال چلت ۽ قدبت ۾ ٿائي ٻليءَ سان گهڻي ويجهڙائي رکي ٿي. هي پالتو ٻلين جي هڪ نئين جنس آهي، جيڪا ويجهڙائي ۾ دريافت ڪئي وئي آهي.هي ڊگهي،  سنهي ۽ سڊول جسم واري ٻلي آهي. سندس ڪن وڏا، مٿو ڊگهو ۽ لهوارو، پڇ ڊگهو ۽ جسم مٿان پشم جهڙي نرم ٻُر ٿيندي اٿس ۽ پڇ تي پڻ 2 کان 3 انچ وڏي ٻُر ٿئيس، جنهن ڪري سندس پُڇ  ٿلهو، سهڻو ۽ وڻندڙ نظر ايندو آهي ۽ جي پُڇ سان جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڇهي ته ان کي نرم ڇهاءُ سبب سڪون جو احساس ٿيندو آهي.

هن ٻليءَ جو جسم اڇو، مٿو، پڇ ۽ پولهه نيري، اڇي يا وري چاڪليٽي رنگ جا ٿين ٿا. بالي ٻليءَ جي مٿي کان پولهه تائين ڊيگهه تقريباً 2 فوٽ ۽ هڪ نر جو وزن 6 کان 7 ڪلو گرام جڏهن ته ماديءَ جو وزن 5 کان 6 ڪلوگرام ٿيندو آهي.

بالي وچولي جسامت واري چست ، ڦڙت، هوشيار ۽ ذهين ٻلي آهي، تنهنڪري کيس گهڻي سکيا جي ضرورت نه ٿي پوي.  البته توجهه ۽ ڌيان جي ضرورت هميشه رهي ٿي. بالي ٻلي پُرڪشش ۽ راند جي گهڻي شوقين آهي. ان ڪري کيڏڻ ڪڏڻ سندس وندر ۾ شامل آهي. هي ماڻهوءَ سان  جلد هري مري وڃي ٿي ۽ مالڪ سان گڏ گهمڻ ڦرڻ جي  پڻ شوقين ٿئي ٿي. ٻين ٻلين جي ڀيٽ ۾  ”ميائون ميائون“گهڻي ڪندي آهي. سندس آواز نهايت وڻندڙ ۽ ڪشش وارو ٿئي ٿو. مزاج جي لحاظ کان دوستاڻو سڀاءُ رکي ٿي، مٿي ڄاڻايل جملي خوبين سبب کيس شوق سان پاليو وڃي ٿو. اولهه واري پاسي هي ٻلي تمام گهڻي مقبول ۽ مشهور آهي.

بالي ٻلي جي مادي هڪ پيٽ تي 2 کان 6 ٻچا ڄڻي ٿي، جيڪي ٻه اڍائي سال ماءُ پيءُ سان گڏ گذارڻ کان پوءِ ڌار ٿي ويندا آهن. سندس سراسري عمر 15 سال ٿيندي آهي، پر هن نسل جون ڪي تندرست ٻليون 20 سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين زندهه رهن ٿيون.