ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13698   ڀيرا پڙهيو ويو

سونهري واگهه (Golden Tiger)


واگهه جو هي قسم، جنهن کي ’سونهري واگهه‘ Golden Tiger سڏجي ٿو. اهو اصل ۾ بنگالي واگهه جي هڪ جنس آهي، جيڪا هندستان جي ’سُندر بَن ٻيلي‘ ۾ رهي ٿي. گهڻا رنگ روپ هئڻ ڪري سونهري واگهه کي ڪيترائي نالا ڏنا ويا آهن. سندس هڪ رنگ ڳاڙهو ۽ سليٽي ٿئي ٿو، جنهنڪري کيس ’ناسي واگهه‘ ((Strawberry tiger  چئجي ٿو، ان کان سواءِ جسم تي سليٽي پٽن سبب کيس ’سونهري چٽڪمرو واگهه‘ ((Golden Tabby Tiger پڻ سڏيو ويندو آهي، سونهري واگهه جون ٽنگون ننڍيون ۽ مضبوط ٿين ٿيون ۽ سندس جسم تي سونهري ٻُر ٿيندي آهي، جيڪا ٻين واگهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿلهي ۽ گهاٽي ٿئي ٿي.  هن جي جسم تي سليٽي يا نارنگي رنگ جا پٽا ٿين ٿا، جڏهن ته ٽنگن، پيٽ ۽ ڳچيءَ جو رنگ اڇو ٿيندو آهي. سونهري واگهه ۽ سائبيريائي واگهه جي ميلاپ سان واگهه جي هڪ نئين جنس پڻ پيدا ٿي آهي، جنهن کي ’اڇو واگهه‘  ((White Tiger چئجي ٿو.

هن وقت سونهري واگهه هندستان ۽ بنگال جي سرحدي پٽيءَ تي موجود ’سُندربَن‘  واري جهنگ ۾ رهي ٿو، پر گهڻي شڪار ۽ ٻچن جي چوري سبب، سندس تعداد هاڻ چار کان پنج سئو وڃي بچيو آهي.