ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13654   ڀيرا پڙهيو ويو

جاوائي ٻلي Javanese cat


جاوائي ٻلي وڏي ٻُر (longhair) وارين پالتو ٻلين جي هڪ جنس آهي. هن ٻليءَ جو اصل وطن اُتر آمريڪا آهي. ٻلين جي موجودگيءَ جي لحاظ کان اُتر آمريڪا دنيا جو اهم خطو آهي. جاوائي ٻن مختلف ٻلين بالي Balinese ۽ ٿائي Siamese جو خار آهي. شڪل شبيهه ۾ هيءَ ٿائي ٻليءَ سان گهڻي هڪجهڙائي رکي ٿي. هن جا ڪيترائي رنگ ٿين ٿا، جهڙوڪ: ڪارو، اڇو، هيڊو، واڱڻائي، بوسڪي، بادامي ۽ ڀورو سليٽي وغيره. هن ٻليءَ جي ٻُر نرم، لسي ۽ چمڪدار ٿيندي آهي.

جاوائي ٻليءَ جي مٿي کان ڌڙ تائين سراسري ڊيگهه 24 انچ ۽ وزن 4 کان 5 ڪلوگرام ٿيندو آهي.

جاوائي ٻلي هوشيار، وفادار ۽ دوست مزاج آهي. سماجي وهنوار واري خيال کان سٺي سڀاءُ جي مالڪ آهي، جانورن توڙي ماڻهن سان سندس رويو هميشه دوستاڻو هوندو آهي. طبيعتن پڻ خاموش ۽ پرسڪون مزاج  آهي. تنهن ڪري گوڙ گهمسان کيس اصل ڪو نه وڻي. سندس آواز ڏاڍو دلڪش ۽ مٺڙو ٿئي ٿو، ان ڪري ميائون ڪرڻ سان ئي ماڻهوءَ کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري وٺي ٿي. کيس سٺي سڀاءُ، نرم ٻُر ۽ وڻندڙ آواز سبب سڄي دنيا ۾ شوق سان پاليو وڃي ٿو.

هيءَ ٻلي هڪ پيٽ تي 5 کان 7 ٻچا ڄڻي ٿي ۽ سراسري طور 14 سال حياتي ماڻي ٿي.