ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13653   ڀيرا پڙهيو ويو

برٽش شارٿيئر British Shorthair



برٽش شارٿيئر جو شمار دنيا جي خوبصورت ٻلين ۾ ٿئي ٿو. هن ٻليءَ جو اصل وطن برطانيا آهي، پر برطانيا جڏهن آمريڪا جي رياستن کي پنهنجي ڪالوني بنايو هو، تڏهن ڪوئن کي ناس ڪرڻ لاءِ برطانوي فوجون پاڻ سان گڏ هي ٻلي آمريڪا کڻي ويون هيون ۽ آمريڪا جي آزاديءَ کان پوءِ برطانوي فوجون ته واپس برطانيا اچي ويون، پر هي ٻلي آمريڪا ۾ ئي رهجي وئي، جنهن کان پوءِ هن اتي پنهنجو نسل وڌايو ۽ اڄ دنيا ۾ هن ٻليءَ کي ’آمريڪن شارٿيئر‘ American Shorthair جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هي هڪ خوبصورت قسم جي ٻلي آهي، تنهن ڪري برطانيا توڙي آمريڪا ۾ ٻلين جي سونهن وارن مقابلن ۾ پڻ کيس آندو ويندو آهي. ڪيترائي ڀيرا اهڙن مقابلن ۾ هيءَ  پهريون نمبر پڻ کڻي چڪي آهي. هن ٻليءَ هالي ووڊ جي فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي.  هن ٻليءَ جو شمار دنيا جي قديم ٻلين ۾ ٿئي ٿو ۽ هڪ اندازي موجب رومي سلطنت کان وٺي هن ٻليءَ جي موجودگيءَ جون شاهديون ملن ٿيون.

قدڪاٺ جي لحاظ کان هي ٻلي وچولي ۽ وڏي ٻنهي قسمن جي ٿئي ٿي. هن ٻليءَ جو نڪ بنو، ڇاتي ويڪري، چنبا گول، ڪنڌ ٿلهو ۽ نسبتاً ننڍو ٿيندو آهي. هن جا ڪن ننڍا ۽ انهن جون چوٽيون گول ٿين، جڏهن ته  منهن گول،  ڄاڙي چپيل ۽ ٻنڦارن واري ۽ ٽنگون مضبوط ٿين ٿيون، جڏهن ته اکيون گول ۽ انهن جو رنگ سونهري ۽ اڇو ٿيندو آهي. هن ٻليءَ جو پڇ قدري ٿلهو ٿيندو آهي. رنگ روپ جي لحاظ کان سندس جملي 30 رنگ ٿين ٿا، پر انهن مان ڀورو سليٽي، اڇو ڀورو ۽ نيرو ڀورو گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو. هن ٻليءَ جي جسم تي ٻُر گهاٽي ۽ ننڍي ٿيندي آهي. سندس هڪ مڇ ۾ عام طرح 12 وار ٿين ٿا. هن ٻليءَ جو وزن 5 کان 9 ڪلو گرام ٿيندوآهي.

برٽش شارٿيئر مضبوط ۽ سگهاري ٻلي آهي. هي پالتو، هوشيار، دوست مزاج  آهي. هن جي مزاج ۾ چڙ اصل آهي ئي ڪانه. هميشه سٺو سڀاءُ رکي ۽ گهر جي سڀني ڀاتين سان پيار ڪري ٿي، خاص طور ٻارن سان ته گهڻو خوش ٿيندي آهي.

هي چست ٻلي آهي، تنهنڪري تيزيءَ سان  ڊوڙي سگهي ٿي، سندس ڊوڙڻ جي رفتار 50 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي. هيءَ ننڊ جي به تمام گهڻي شوقين آهي، انڪري هر وقت ننڊ پئي ڪندي آهي. ٻين ٻلين جي ڀيٽ ۾ هيءَ دلير آهي، ان ڪري کيس ڪتن کان ڊپ ڊاءُ ڪو نه ٿئي، ڪتن کان ڊڄڻ بجاءِ ساڻن راند ڪندي آهي.

برٽش شارٿيئر جي مادي 61 کان 65 ڏينهن جي حمل کان پوءِ هڪ کان 3 ٻچا ڄڻي ٿي ۽ سندس حياتي 15 کان 18 سال ٿيندي آهي.