ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13670   ڀيرا پڙهيو ويو

مرمري ٻلي (Marbled cat)


هي جهنگلي ٻلي آهي،  جيڪا قدبت ۾ اسان جي پالتو ٻليءَ جيتري ٿئي  ۽ سندس وزن وڌ کان وڌ ساڍا چار ڪلو گرام هوندو آهي. هن جي مٿي کان پولهه تائين ڊيگهه 21 انچ ۽ پڇ 18 انچ ڊگهو ٿيندو آهي  جڏهن ته سندس سراسري عمر 12 سال ٿئي ٿي. مرمري ٻليءَ جي جسم تي سونهري رنگ جي گهاٽي، سنهي ۽ پشمي ٻُر ٿيندي آهي. جنهن مٿان داغ اهڙي ترتيب سان هوندا آهن، جهڙا ڌارن وارا سنگ مرمر. اهو ئي سبب آهي، جو کيس مرمري ٻلي(Marbled cat) چيو وڃي ٿو. جڏهن ته سندس ڳچي ۽ مٿي تي ڪاري رنگ جا پٽا ٿين ٿا. مرمري ٻلي هندستان جي سونهري ۽ لائنڪس ٻلين سان ملندڙ جلندڙ ڪڪريلي چيتي جهڙي نظر ايندي آهي. مرمري ٻلي نيپال، هندستان جي صوبي آسام ۽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جهڙوڪ: سوماترا، برونائي ۽ مليشيا جي جهنگن ۾ ملي ٿي، جيئن ته هي ٻلي چاڙهو آهي ان ڪري اڪثر وڻن جي گهاٽن پنن ۾ لڪي ويٺي هوندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو هي عام طرح نظر نه ايندي آهي. هن جو پڇ ڊگهو ٿيندو آهي، جنهن تي ڪارا پٽاڇلن وانگر هوندا آهن. پڇ تي گهڻي ٻُر هئڻ ڪري، گهڻو ٿلهو نظر ايندو آهي. وڻن تي چڙهڻ وقت پڇ کان هي توازن جو ڪم وٺندي آهي. مرمري ٻلي گهڻو ڪري رات جي وقت شڪار تي نڪري ٿي ۽ جهنگ مان ڪوئا، سانڊيون، ڏيڏر، نوريئڙا، پکي ۽ جيت ڳولي کائيندي آهي. مرمري ٻلي جي حمل جو مدو  81 ڏينهن آهي ۽ هڪ وقت ۾ ٻه ٻچا ڄڻي ٿي. ٻچا 10 ڏينهن کان پوءِ اکيون کوليندا آهن ۽ 22 ڏينهن کان پوءِ هلڻ شروع ڪندا آهن. ڄمڻ وقت ٻچن جو سراسري وزن 100 گرام هوندو آهي، جيڪي ٻن سالن کان پوءِ وڌي بالغ ٿي ويندا آهن