ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13679   ڀيرا پڙهيو ويو

مهاڳ


 

ببر شينهن، واگهه، تيندئا، جيگئار، چيتا ۽ جهنگلي توڙي پالتو ٻلين جا ٻيا سمورا قسم، ٻليءَ جي ان نسل يا ذات سان تعلق رکن ٿا، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ”فيلي ڊاءِ فيملي“ (  Felidae Family) يعني ’ٻليءَ جي نسل وارا  جانور‘ چيو ويندو آهي.

انسان ڪڏهن کان ٻليون پالڻ شروع ڪيون؟ ان بابت ويساهه سان ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي! البته غارن ۽ قديم کنڊرن مان هٿ ايندڙ شڪلين ۽ رانديڪن مان اندازو لڳايو ويو آهي ته انسانن جو ٻلين سان واسطو  گذريل ڏهه هزار سالن کان  رهيو آهي. اندازو  آهي ته اوائلي زماني ۾  جڏهن انسان غارن ۾  رهندو هو، تڏهن هو جيڪي هڏا ۽ سڙيل گوشت  غارن ٻاهران اڇلي ڇڏيندو هو، تن کي کائڻ لاءِ  ٻليون ۽  ٻيا جانور اڪثر غارن جي آس پاس پيا ڦيرا ڏيندا هئا. ٻلين جڏهن محسوس ڪيو هوندو ته کين انسان کان ڪو خطرو به نه آهي ۽ ويتر کاڌو پيتو به پيو ملي، تڏهن ٻليون انسان سان هِري مري ويون هونديون. انسان به کين ان ڪري به ڍر ڏني هوندي، جو اهي  غارن ۽ گهرن ۾ گهڙي ڪوئا مارينديون هيون، جيڪي ماڻهن جي اناج ۽ ڪپڙن جا دشمن هئا. ان کان سواءِ ٻليون سهڻيون ۽ ڏاهيون هجڻ ڪري به  ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪري ويون هونديون.

 انسانن ۽ ٻلين جي تعلق جون  اهڙيون ڪيتريون ئي شاهديون قديم دڙن جي کوٽائي مان مليون آهن، جتان هٿ آيل  ٻلين جون مورتيون ٻڌائين ٿيون ته ماڻهو نه رڳو کين ڀائيندا هئا، پر بابل، نينوا ۽ قديم مصر جا ماڻهو ته سندن پوڄا پڻ ڪندا هئا. مصر جي احرامن اندر جيڪي تصويرون اُڪريل آهن، تن ۾ ڪيتريون تصويرون ٻلين جون پڻ  آهن، جن کي ديوتا جو درجو حاصل هو. اهڙي هڪ ديوتا کي  سفينڪس (Sphinx) چيو ويندو هو، جنهن جو ڌڙ عورت جو ۽ منهن شينهن جو هو. پٿر مان گهڙيل سفينڪس جو اهو بت  اڄ به مصر جي احرامن آڏو بيٺل آهي. ڌرمي حوالي سان وري ببر شينهن جي گهڻي مڃتا ٻڌ ڌرم  ۾ آهي. ٻڌ ڌرم  ۾ ببر شينهن کانسواءِ  اڇو هاٿي، گهوڙو ۽ سانُ روحاني درجا بنديءَ جا اهڃاڻ آهن، جنهنڪري ٻوڌي عبادتگاهن ۾ اڪثر شينهن جون مورتيون نظر اينديون آهن. اشوڪ اعظم جيڪي ڪتبا ۽ لٺيون کوڙايون هيون، انهن تي پڻ هنن جانورن جون تصويرون اڪريل آهن. ان کانسواءِ ٻلين بابت ڀاڳ نڀاڳ ۽ عزت ، نفرت  جون اڻڳڻيون ڪهاڻيون هر معاشري ۾ اڄ به موجود آهن.  سنڌ جي ماڻهن ۾ ويساهه ويٺل آهي ته ڪاري رنگ جي ٻلي جيڪڏهن اڳيان  گذري وڃي ته اهو ڪم نه ٿيندو، جنهن سان  ماڻهو وڃي رهيو هوندو آهي. اصل ۾ ڪاري رنگ واري ٻلي رڳو اسان وٽ نڀاڳي نه آهي، پر سڄي دنيا ۾ ڪاري ٻليءَ کي نڀاڳي ۽ اڇي رنگ  جي ٻليءَ کي ڀاڳ واري سمجهيو ويندو آهي.

 دنيا ۾ جهنگلي، پالتو ۽ ننڍين وڏين ٻلين جا ڪيترائي قسم آهن. ان کان سواءِ ڌار ڌار ٻلين جي ميلاپ سان وري ڪيتريون ئي ٻسر يا خار ٻليون پيدا ڪيون ويون آهن. اهو ئي سبب  آهي جو دنيا ۾ اڄ 2000 کان وڌيڪ قسمن جون ٻليون موجود آهن.

هي ڪتاب دنيا جي ٻلين بابت آهي،  هي ڪا نئين رٿا نه آهي، پر ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ٻارڙن جي انسائيڪلو پيڊيا تيار ڪرائڻ  جي رٿ رٿي هئي، جنهن جي تياريءَ لاءِ تجويز  آئي ته ڌار ڌار موضوعن تي ننڍا ننڍا ڪتاب تيار ڪيا وڃن، جن کي اڳتي هلي ٻارڙن جي انسائيڪلو پيڊيا جو روپ ڏنو ويندو.انهيءَ ڳالهه کي ٻارنهن سال ٿي ويا، پر صاحبن جي دلچسپي نه هئڻ ڪري هن ڪم ۾ پڻ ڪا خاص پيش رفت نه ٿي. تازو مانواري چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين صاحبه ذاتي دلچسپي ۽ پراڻين رٿائن کي اڪلائڻ جي نيت سان حڪم ڪيو ته آئون ٻلين بابت معلوماتي ڪتاب تيار ڪري ڏيان، مون ان حڪم جي تعميل ڪندي، هي ڪتابڙو تيار ڪيو آهي، اميد ته ٻارڙن جي ڄاڻ وڌائڻ لاءِ  هي ڪتاب مددگار ثابت ٿيندو.

آئون مولابخش قمبراڻيءَ جو ٿورائتو آهيان، جنهن هن ڪتاب جي مواد لکڻ ۽ درستين ۾ منهنجي گهڻي مدد ڪئي.