ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13672   ڀيرا پڙهيو ويو

آمريڪي شارٿيئر American Shorthair


آمريڪي شارٿيئر، دنيا جي ڏهه مشهور قسم جي پالتو ٻلين ۾ شمار ٿئي ٿي. هي ٻلين جي قدرتي جنس مان نه آهي، پر نسل راني ذريعي هٿرادو طريقي سان پيدا ڪيل ٻليءَ جو هڪ قسم آهي، جيڪو ’ٿائي‘ Siamese ۽ ’ميني ڪُون‘ Maine coon جي ميلاپ مان پيدا ڪيو ويو آهي. جيئن ته هي ٻلي سڀ کان پهرين آمريڪا ۾ ئي نسل راني ذريعي پيدا ڪئي وئي هئي، تنهن ڪري مٿس نالو ئي ’آمريڪي شارٿيئر‘  American Shorthair  يعني آمريڪي ننڍي ٻُر واري ٻلي رکيو ويوآهي. کيس ‘پالتو شارٿيئر‘ Domestic shorthair پڻ چيو ويندو آهي. قدبت ۾ هي ٻلي وچولي جسامت رکندڙ آهي. سندس مٿو گول ۽ وچولو، اکيون بادامي ۽ گول ٿين ٿيون. اکين جو مٿيون ڇپر بادام وانگر ۽ هيٺيون پوري ريت گول ٿئي، جڏهن ته سينو ويڪرو، چنبا گول ۽ وچولا، پڇ پاڙ وٽ ٿلهو ۽ وچولو ٿيندو آهي. سندس اکيون سايون ۽ پيليون، جسم تي ٻُر ننڍي پر ٿلهي ۽ گهاٽي ٿئي. هن ٻليءَ جا جملي 80 رنگ  ٿين ٿا. پر سليٽي، خاڪي، ڳاڙهو، ڀورو، چاڪليٽي وڌيڪ مشهور آهن. جن جون اکيون پڻ ڌار ڌار رنگ واريون ٿين.

هن ٻليءَ جي نر جو وزن 5 کان 7 ڪلو گرام، جڏهن ته ماديءَ جو وزن 4 کان 6 ڪلو گرام ٿئي ٿو.

آمريڪي شارٿيئر سهڻي ٻلي آهي. سماجي ڪاروهنوار ۾ پڻ تيز ۽ سٺو سڀاءُ رکي ٿي، تنهنڪري عام توڙي خاص سان سندس رويو هميشه دوستاڻو هوندو آهي. گهر ڀاتين سان گهڻو پيار ڪري ٿي ۽ ساڻن جلد هري مري گهر جي  ڀاتي بنجي وڃي ٿي. هي ٻارن سان راند کيڏڻ جي گهڻي شوقين آهي، ان ڪري ٻار ڏسندي ئي گهڻي خوش ٿيندي آهي، پنهنجي سونهن، سگهڙائپ ۽ خوش مزاجي سبب هي ٻلي هنڌين ماڳين مشهور آهي،  آمريڪا ۾ ته کيس وڏي چاهه سان پاليو وڃي ٿو. آمريڪي شارٿيئر جي عمر 15 کان 18 سال ٿئي ٿي.