ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13695   ڀيرا پڙهيو ويو

پئمپس ٻلي Pampas cat


هي جهنگلي ٻلي آهي، جيڪا ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن جهڙوڪ: برازيل، پئراگئي، چلي، ايڪئا ڊور ۽ ارجنٽينا ۾ ملي ٿي. جسامت جي لحاظ کان هي ٻلي لڳ ڀڳ پالتو ٻليءَ جيڏي ٿيندي آهي ۽ جهنگ جي ننڍي نسل وارين ٻلين ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. هن ٻليءَ جو مٿو ننڍو، ڪن گول ۽ چوٽيدار ٿين، جن جي پٺ سليٽي ۽ ٻنهي ڪنن تي ننڍڙو اڇو داغ ٿيندو آهي. جڏهن ته نڪ ۽ اکين جي چؤڌاري اڇي رنگ جا چٽا ٿين ٿا۽ نڪ جي چوٽي وري ڳاڙهي ٿيندي آهي. هن ٻليءَ جي مٿي ۽ ٽنگن تي ڪارا پٽا ۽ چٽا ٿيندا آهن، جڏهن ته پڇ تي ڪاريون چوڙيون ٿين ۽ وات ۽ ڄاڙي اڇي ٻُر سان ڍڪيل هوندا آهن. عام طرح هن ٻليءَ جو رنگ سونهري ٿيندو آهي، جنهن تي اڇي رنگ جا ڊگها پٽا ٿين ٿا ، پر هن نسل جون ڪي ٻليون سليٽي پيلي ۽ ڀوري پيلي رنگ جون پڻ ٿينديون آهن.

پئمپس ٻليءَ جو ڪلهن تائين قد ڏيڍ کان ٻه فوٽ، مٿي کان پولهه تائين ڊيگهه هڪ فوٽ کان ٿورڙو سوايو ٿئي، جڏهن ته، پُڇ جي ڊيگهه تقريباً هڪ فوٽ ۽ وزن 3 کان 7 ڪلو گرام ٿيندو آهي.

هي ٻلي ميداني ۽ پوسل وارن ننڍن گاهيري جهنگن ۾ رهي ٿي، جتي هوءَ فطري ماحول ۾ شڪار ڪري پنهنجون کاڌي جون گهرجون پوريون ڪندي آهي. هي ٻلي ڏينهن جي وقت آرام ڪري ٿي ۽ رات جي وقت شڪار لاءِ نڪرندي آهي. سندس خوراڪ ۾ ننڍا جانور، ريڙهيون پائيندڙ ۽ جيت شامل آهن. هي ٻلي وڻن تي چڙهڻ ۾ به مهارت رکي ٿي، انڪري وڏن وڏن وڻن تي آسانيءَ سان چڙهي ويندي آهي، جتي پکي ۽ سندن بيدا پڻ کائي وڃي ٿي.

پئمپس ٻلي اپريل کان جولاءِ جي وچ ۾ ميلاپ  ڪري ٿي ۽ تقريباً 80 کان 85 ڏينهن جي حمل کان پوءِ 1 کان 2 ٻچا ڄڻي ٿي، پر ڪا ٻلي اتفاق سان ٽي ٻچا پڻ ڄڻيندي آهي، سندس ٻچا 21 مهينن ۾ بالغ ٿي پاڻمرادو  شڪار ڪندا آهن. پئمپس ٻليءَ جي عمر 12 کان 16 سال ٿيندي آهي.