ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13678   ڀيرا پڙهيو ويو

ايراني تيندئو (Persian Leopard)


پاڪستان جي ٿڌن علائقن ۾ رهندڙ تيندئي کي ايراني تيندئو سڏجي ٿو. تيندئي جي هن قسم جو دنيا ۾ ڪل تعداد 1300 سؤ آهي. ٻليءَ جي نسل واري هن جانور کي ”ايراني تيندئو“ ان ڪري چون ٿا جو هن جو وڏو تعداد (600 کان 800) ايران ۾ رهي ٿو. هن تيندئي جي هڪ صحتمند نر جي ڌڙ کان ڪلهن تائين ڊيگهه اڍائي کان 3 فوٽ ۽ وزن 70 کان 75 ڪلوگرام ٿيندو آهي ۽ پهرين نظر ۾ ڏسڻ سان ڪنهن وڏي ٻليءَ جيان لڳندو آهي.

ايراني تيندئو اڪثر جابلو ۽ نيم جهنگلي علائقن ۾ رهندو آهي جتي شڪار ڪري پنهنجو پيٽ پالي ٿو. هن جي خوراڪ ۾ هرڻ، جهنگلي توڙي پالتو ٻڪريون، رڍون، سوئر ۽ ڪتا شامل آهن.

پاڪستان جي اُترين علائقن، بلوچستان ۽ سنڌ جي جابلو سلسلي  کان سواءِ هي تيندئو ايران، آزربائيجان، ترڪي، جارجيا، ترڪمانستان، ازبڪستان، روس، آرمينيا، تاجڪستان ۽ افغانستان وغيره ۾ پڻ ملي ٿو. هن تيندئي کي سنڌي يا بلوچستاني تيندئو پڻ سڏيو ويندو آهي.