ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13639   ڀيرا پڙهيو ويو

جيف ريز ٻلي Geoffrey’s cat


هن ٻليءَ جو اباڻو وطن ڏکڻ چلي ۽ بوليويا آهي، پر اڄڪلهه آمريڪا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ملي  ٿي. عام طرح هي پالتو ٻلي جيڏي هڪ جهنگلي ٻلي آهي، پر هن جا ڪجهه قسم ننڍا ته ڪي وري پالتو ٻليءَ کان وڏا ٿين ٿا. جيف ريز جي هڪ صحتمند نر جو وزن 2 کان 8 ڪلو گرام ۽ مادي 1.5 کان 6 ڪلو گرام وزني ٿيندي آهي. رنگ روپ جي لحاظ کان پڻ سندس ڪيترائي گاڏڙ ساڏڙ رنگ ٿين ٿا، پر ڳاڙهو پيلو رنگ سندس خاص سڃاڻپ آهي.

جيف ريز جي جسم تي چيتي وانگر ڪاري رنگ جا چٽا ۽ پڇ تي وري ڪاري رنگ جون چوڙيون ٿينديون آهن، جڏهن ته ڄاڙي، سيني ۽ پيٽ تي وري اڇي رنگ جي ٻُر ٿيندي آهي.

هن ٻليءَ جو مٿو ننڍو، ڪن وڏا ۽ ڪنن جي پٺ ڪاري ٿئي ٿي. اکيون سايون ۽ اکين جي ڇيڙي وٽان ٻه ڪارا پٽا نڪري ڪنڌ ڏانهن هليا ويندا آهن. اهڙي ريت ٻه ڪارا پٽا ڀروئن کان وٺي مٿي تائين پڻ نظر ايندا آهن، جڏهن ته جيف ريز جي اکين جو گهيرو يا ڇپرن واري جاءِ اڇي رنگ جي ٿيندي آهي.

جيف ريز جو شمار قديم نسل جي جهنگلي ٻلين ۾ ٿئي ٿو، پوءِ به ڪي ماڻهو سندس ٻچا کڻي اچي پاليندا آهن، جيڪي جهنگلي مزاج ۽ نولائڻ سبب ڀڄي ويندا آهن، البته ٻين ٻلين جي ميلاپ مان پيدا ٿيل جيف ريز جا ٻچا گهر ڪن ٿا، جنهن ڪري ماڻهو کين شوق سان پاليندا آهن.

جيف ريز جهنگلي هئڻ باوجود نج جهنگلي ٻلي نه آهي،  هو اهڙي جهنگ ۾ رهندي آهي، جتي ڳوٺ، شهر يا ڪا وسندي ويجهي هجي. ڪڏهن ڪڏهن انهن وسندين ۾ اچي ڪوئا ۽ پالتو پکي پڻ کڻي ويندي آهي، نه ته گهڻو وقت وسندين کان ٻاهر وڻن تي گذاري ٿي، زمين تي رڳو ان وقت ڏٺي ويندي آهي، جڏهن شڪار جو سانگو هجيس يا وري ٻچن جي مند هجي.

جيف ريز مادي 72 کان 78 ڏينهن جي پيٽ کان پوءِ سراسري طور ٻه ٻچا ڄڻي ٿي ، جن مان مادي ٻچا 18 کان 20 ۽ نر 22 کان 24 مهينن ۾ بالغ ٿيندا آهن ۽ سراسري طور 14 سال ڌرتيءَ جي تختي تي گذارين ٿا.