ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13696   ڀيرا پڙهيو ويو

برميلا ٻلي Burmilla cat


برميلا لانگهير (Longhair)گروپ وارين ٻلين جي هڪ جنس آهي، جيڪا پهريون ڀيرو 1981ع ۾ ’برمي‘ (Burmese) ۽’ايراني‘  (Persian) جي ميلاپ سان اتفاقي طرح پيدا ٿي. هي جنس  هٿرادو طريقي سان پهرين برطانيا ۾ پيدا ڪئي وئي، اڄڪلهه آسٽريليا ۽ ڪئناڊا ۾ پڻ سندس ٻچا  ڪيا وڃن ٿا. هن ٻليءَ کي ’آسٽريليائي ٽفيني‘(Australian tiffany)  پڻ  سڏجي ٿو. رنگ روپ، اکين، ٻُر توڙي عادتن جي لحاظ کان هي ٻلي ڏاڍي خوبصورت آهي. قدبت ۾ وچولي جسم واري ٻلي آهي. سندس جسم گول، پويون ٽنگون وڏيون ۽ اڳيون ٿوريون ننڍيون ٿينديون آهن. برميلا جون اکيون وڏيون ۽ سهڻيون ٿين، ڪن ننڍا ۽ چوٽي دار جڏهن ته نڪ جي چوٽي ڳاڙهي ۽ مٿي تي چٽڪمري (Tabby) وانگر انگريزي اکر M جهڙو نشان ٿيندو آهي. هن ٻليءَ جي پڇ تي گهڻي ٻُر ٿئي ۽  اکيون سايون يا وري سونهري ٿين. اکين جو رنگ جسم جي رنگ جهڙو ٿيندو آهي.  برميلا جا ڪيترائي رنگ ٿين ٿا، جهڙوڪ: نيرو، هيڊو واڱڻائي، ڪارو، چاڪليٽي ۽ ڀورو وغيره، پر اڇو رنگ سڀني کان سهڻو ٿئي ٿو ۽ وڌيڪ پسند ڪيو ويندو آهي.

برميلا ’برمي‘ Burmese ۽ ’ايراني‘ Persian ٻلين جو خار آهي، جنهنڪري منجهس ٻنهي ٻلين واريون خاصيتون موجود آهن. هي وفادار ۽ سماجي وهنوار ۾ دوست مزاج ٻلي آهي. جنهن ڪري گهر ڀاتين ۽ مالڪ سان ڏاڍو پيار ڪري ٿي ۽ جڏهن ڪو ڀاتي گهر ۾ گهڙندو آهي ته ڊوڙي وڃي سندس آڌر ڀاءُ ڪندي آهي. ٻارڙن سان راند روند ڪرڻ پڻ هن ٻليءَ کي ڏاڍو وڻندو آهي،  ۽ ٻار به ساڻس راند ڪندي خوش ٿيندا آهن.  برميلا کي رانديڪا ڏاڍا وڻندا آهن، انڪري هميشه پئي ساڻن کيڏندي آهي. هي ٻلي سهڻي شڪل ۽ سٺين عادتن سبب ملڪان ملڪ مشهور آهي.