ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13676   ڀيرا پڙهيو ويو

آفريڪي سونهري ٻلي African golden cat


هن ٻليءَ جو بنيادي رنگ سونهري هئڻ ڪري کيس سونهري ٻلي چيو ويندو آهي. سونهري ٻلي ايشيا ۾ به ٿئي، جنهن کي ايشيائي سونهري ٻلي (Asian golden cat) سڏجي ٿو. پر آفريڪي سونهري ٻلي ايشيائي ٻليءَ کان شڪل شبيهه ۾ قدري مختلف آهي ۽ ايشيائي ٻلي وانگر هن  جا پڻ ٿوري گهڻي فرق سان ڪيترائي رنگ ٿين ٿا. جهڙوڪ سونهري، بادامي، چاڪليٽي، سليٽي ۽ گاڏڙ ساڏڙ رنگن واري. ايشيائي ٻلي جي ڀيٽ ۾ آفريڪي سونهري ٻليءَ جا ڪن وڏا ۽ نوڪدار  ٿيندا آهن ۽ سندس اکين جو رنگ سائو ٿئي ٿو، جڏهن ته مٿو گول ۽ ننڍو، چنبا ويڪرا ۽ ٽنگون وڏيون ٿينديون آهن. هن ٻليءَ جي هڪ سڃاڻپ اها به آهي ته سندس پڇ ڊگهو ۽ پڇ جي چوٽي ڪاري ٿيندي آهي. آفريڪي سونهري ٻليون ننڍيون به ٿين ته وڏيون پڻ. سندس هڪ صحتمند نر 12 کان 18 ڪلو گرام وزني ٿيندو آهي ۽ سندس ڪلهن تائين قد 14 کان 24 انچ ٿئي ٿو. جڏهن ته سر کان ڌڙ تائين ڊيگهه 26 کان 36 انچ ۽ پڇ 9 کان 16 انچ ڊگهو ٿيندو آهي. آفريڪي سونهري ٻلي آفريڪا کنڊ جي ڪيترن ملڪن جهڙوڪ: انگولا، ڪانگو، يوگينڊا ۽ ڪينيا وغيره جي گرم برساتي ٻيلن ۾ رهي ٿي ۽ اڪثر رات جي وقت شڪار ڪندي آهي. هن جي شڪار ۾ هرڻ، ڀولڙا، ننڍا سوئر، سها، ڪوئا ۽ ريڙهيون ڏيندڙ جانور شامل آهن، پر جي جهٽ لڳيس ته ڌراڙن جون رڍون ۽ ٻڪريون پڻ کڻي ويندي آهي. ان کان سواءِ رات جي وڳڙي ۾ وڻن تي ويٺل پکي پڻ سندس جهپي ۾ اچي ويندا آهن.

آفريڪي سونهري ٻليءَ جي سراسري عمر 12 سال ٿئي ٿي ۽ وڌ کان وڌ 16 سالن تائين زندهه رهي سگهي ٿي. هي ٻلي هر سال بهار جي مند ۾ ٻچا ڪندي آهي ۽ 75 کان 78 ڏينهن جي عرصي کان پوءِ هڪ کان ٽي ٻچا ڏي ٿي. ٻچا 6 کان 8 هفتن جي عمر ۾ شڪار ڪرڻ سکندا آهن ۽ 22 کان 26 مهينن ۾ بالغ ٿيڻ بعد ماءُ کان ڌار ٿي ويندا آهن.