ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13661   ڀيرا پڙهيو ويو

سائبيريائي واگهه (Siberian Tiger)


واگهه جو هي قسم اوڀر سائبيريا ۾ رهي ٿو. هن واگهه کي ’مانچوريائي واگهه‘ Manchurian tiger)) يا ’اتر چيني واگهه‘ ( (North china tiger پڻ سڏيو ويندو آهي. هن واگهه جي کل ٿلهي ۽ ٻُرگهاٽي ٿيندي آهي، جيڪا کيس سيءَ کان بچائي ٿي. هن واگهه جي جسم تي سليٽي رنگ جا پٽا ٿيندا آهن. جسم جي اڳئين حصي تي اهي پٽا ٿورا جڏهن ته چيلهه ۽ پولهه تي پٽن جو تعداد وڌيڪ هوندو آهي. سائبيريائي واگهه جي هڪ نر جي مٿي کان ڌڙ تائين ڊيگهه 6 کان 8 فوٽ ۽ پُڇ جي ڊيگهه 2 کان 3 فوٽ،  ٿيندي آهي، اهڙي  ريت سندس جملي ڊيگهه 9 کان 11 فوٽن تائين ٿي سگهي ٿي . هڪ عام سائبيريائي واگهه جو وزن 325 ڪلوگرام  ۽ هڪ صحتمند نر جو وزن وڌ کان وڌ 340 ڪلوگرام ٿيندو آهي. جڏهن ته سندس ماديءَ جي مٿي کان ڌڙ تائين ڊيگهه سوا پنج کان ڇهه فوٽ ۽ وزن ۾ نر کان ڪجهه هلڪي ٿئي ٿي.

هي واگهه سخت ٿڌ ۽ برفاني علائقن جو جانور آهي ۽ سائبيريا ۾ سخت سيءُ واري ماحول ۾ رهي ٿو، جتي هو مختلف قسم جا جهنگلي جانور شڪار ڪري کائي ٿو. سندس خوراڪ ۾ اَمُر تيندئي سميت ڪيترائي جانور شامل آهن. سائبيريا ۾ اڄڪلهه هنن واگهن جو تعداد 450 کان 500 جي وچ ۾ آهي.