ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13710   ڀيرا پڙهيو ويو

ايراني ٻلي Persian cat


ايراني ٻلين جو شمار دنيا جي خوبصورت ترين ٻلين  ۾  ٿئي ٿو. وچ اوڀر جي ملڪن ۾ ملندڙ گهڻين ٻلين جو اصل وطن ايران آهي. هي لانگ هيئر(وڏي ٻُر وارين) گروپ وارين ٻلين جي هڪ وچولي قدبت واري ٻلي آهي ۽ سندس شمار وڏي عمر جي ٻلين ۾ ٿئي ٿو. هن ٻليءَ جون ٽنگون ننڍيون، منهن  ۽ اکيون وڏيون ٿين ٿيون، جڏهن ته منهن تي بوناڙ تائين وڏا ۽ لسا وار ٿيندا اٿس. رنگ جي لحاظ کان هن ٻليءَ جا ڪيترائي رنگ ٿين ٿا، جن ۾ ڪارو، اڇو، ڀورو، سونهري ۽ بادامي وغيره شامل آهن.

ايراني ٻليءَ جي مٿي کان پولهه تائين سراسري ڊيگهه تقريباً ٻه فوٽ ۽ وزن 4 کان 5 ڪلو گرام ٿيندو آهي.

ايراني ٻلي هڪ خوبصورت، سهڻي ۽ سٺي سڀاءُ واري ٻلي آهي ۽ ماڻهن سان هميشه دوستاڻو سڀاءُ رکي ٿي. پنهنجي مالڪ سان هيءَ ٻلي گهڻو پيار ڪري ٿي ۽ هوشيار به آهي. هيءَ رڳو هن ڳالهه ۾ ٿوري ڪسي آهي جو کيس هميشه مالڪ پاران سار سنڀال ۽ ڌيان جي ضرورت رهندي آهي. هن ٻليءَ جي جسم تي وار تمام وڏا ٿين ٿا. ان ڪري ڌڻي کيس هميشه ڦڻي يا بُرش پيا ڪندا آهن.

ايراني ٻلي هڪ پيٽ تي 2 کان 4 ٻچا ڄڻي ٿي، هيءَ ٻلي 19 سال حياتي ماڻي ٿي.