ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13642   ڀيرا پڙهيو ويو

گُئنگنا ٻلي (Cat Guigna)


گئنگنا جهنگلي ٻلي آهي. ”گئنگنا“فرينچ ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”چور“. جيئن ته هي ٻلي گهرن ۾ گهڙي ماڻهن جون ڪڪڙيون وغيره کڻي ويندي آهي، جنهن ڪري کيس چور ٻلي چيو وڃي ٿو.  هن ٻليءَ کي ڪوڊ ڪوڊ ٻلي (kod kod cat)پڻ سڏيو  ويندو آهي. هن ٻليءَ جو مٿو ننڍو،  پير وڏا، پُڇ ننڍو ۽ ٻُر وڏي ٿيندي آهي. جڏهن ته سندس رنگ ڀورو سليٽي ۽ هلڪو پيلو يا سونهري ٿئي ٿو. جنهن تي گهري سليٽي رنگ جا چٽا ٿيندا آهن. اکين کان مٿي ۽ هيٺ ننڍا ڪارا پٽا نظر ايندا آهن ۽ پُڇ تي شروع کان آخر تائين گهري سليٽي يا ڪاري رنگ جون چوڙيون ٿين ٿيون.

گئنگنا ٻليءَ جي مٿي کان پولهه تائين ڊيگهه ڏيڍ کان پوڻا ٻه فوٽ ۽ پُڇ جي ڊيگهه اڌ کان منو فوٽ ٿيندي آهي، جڏهن ته ڪلهن تائين قد مني فوٽ کان هڪ فوٽ ۽ وزن ٻه کان ٽي ڪلو گرام ٿيندو آهي.

هي ٻلي تارو به آهي ته چاڙهو به. ان ڪري اڪثر وڻن تي رهندي آهي، جتي جي آزاد ماحول ۾ شڪار ڪري خوراڪ جون ضرورتون پوريون ڪندي آهي سندس خوراڪ ۾ ننڍا پکي ۽ جانور شامل آهن. خوراڪ جي پورائي لاءِ گهرن ۾ گهڙي پالتو ڪڪڙيون وغيره به جهپي کڻي ويندي آهي، تنهن ڪري چور ٻليءَ طور مشهور آهي.

گئنگنا جي مادي 72 کان 78 ڏينهن جي حمل کان پوءِ 1 کان 3 ٻچا ڄڻي ٿي ۽ سراسري طور 11 سال زندهه رهندي آهي.