ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13703   ڀيرا پڙهيو ويو

رسٽي اسپوٽيڊ ڪيٽ (Rusty spotted cat)


هيءَ دنيا جي ننڍي ۾ ننڍي پالتو ٻلين جي جنس آهي، جيڪا هندستان ۽ سريلنڪا جي گرم ۽ خشڪ جهنگلن ۽ ميداني علائقن ۾ رهي ٿي. هن کي سريلنڪا ۽ هندستان جي ننڍڙي ٻلي پڻ چيو ويندو آهي. ’رسٽي اسپوٽيڊ ڪيٽ ‘(Rusty spotted cat) هڪ قسم جي چٽڪمري (Tabby) ٻلي آهي. هن جي جسم تي ميرانجهڙا چٽا ٿين ٿا، جنهن ڪري کيس ’رسٽي اسپوٽيڊ ڪيٽ‘ چيو وڃي ٿو. هن ٻليءَ جو وات، ڄاڙي، سينو ۽ پيٽ اڇو ٿيندو آهي، جڏهن ته ڪن وڏا ۽ انهن جي چوٽي گول ٿئي. سندس اکيون گول ۽ وڏيون ٿينديون آهن. اکين وٽ نڪ جا پاسا اڇا  ۽ پيرن جو رنگ ڪارو ٿيندو آهي. سندس سليٽي رنگ جي ٻُر تي بادامي رنگ جا چٽا ٿين ٿا. مٿي ڪنڌ ۽ پٺن تي پڻ بادامي رنگ جا ڊگها پٽا نظر ايندا آهن. پٺن تي اهڙا ٽي پٽا ڪنڌ کان شروع ٿي پولهه ڏانهن هليا  وڃن ٿا، جڏهن ته ڪنن جي پاڙ کان اکين  تائين ٻه پٽا ان هنڌ اچي ختم ٿيندا آهن، جتان ڀِرون شروع ٿين ٿا. اهڙا ٻه پٽا ڳٽن تي پڻ هوندا اٿس ۽ پڇ تي وڏي ٻُر ۽ ڪاريون چوڙيون ٿين ٿيون.

’رسٽي اسپوٽيڊ ڪيٽ ‘ (Rusty spotted cat) جي مٿي کان ٻولهه تائين ڊيگهه فوٽ کان ڏيڍ فوٽ ۽ پڇ جي ڊيگهه اڌ فوٽ کان منو فوٽ، جڏهن ته  نر جو وزن 1 کان 1.25 ڪلو گرام ۽ ماديءَ جو وزن 1.7 ڪلو گرام ٿيندو آهي.

هي ٻلي گرم ۽ خشڪ جهنگلن جي رهاڪو آهي، جتي هوءَ قدرتي ماحول ۾ شڪار ڪري  کاڌي جون ضرورتون پوريون ڪري ٿي. ڏينهن جي وقت هيءَ جابلو ڇپن هيٺ يا گهاٽين ٽارين اندر لڪي  آرام ڪري ٿي ۽ رات جي وقت شڪار لاءِ نڪرندي آهي. حيوانيات جي ماهرن جو خيال آهي ته سڀ ٻليون رات توڙي ڏينهن شڪار ڪرڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، پر جن ٻلين جون اکيون وڏيون ٿين ٿيون اهي رات جي وقت شڪار ڪن ٿيون. جيئن ته هن ٻليءَ جون اکيون پڻ وڏيون ٿين ٿيون جنهن ڪري هي پڻ رات جي وقت شڪار کي ترجيح ڏئي ٿي. هن جو شڪار ڏرن ۾ رهندڙ جانور، پکي، سانڊيون، سها، ڪوئا، ڏيڏر، ڇڇوندر  وغيره ٿينداآهن.

اڄڪلهه ماڻهن توڙي جانورن پاران سندس گهڻي شڪار سبب، هن جو نسل تيزيءَ سان ختم ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري هندستان توڙي سريلنڪائي سرڪار طرفان هن جي نه رڳو مارڻ، پر ڏيهي توڙي پرڏيهي مارڪيٽ ۾ وڪري تي پڻ پابندي وڌي وئي آهي.