سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18431   ڀيرا پڙهيو ويو

رت جي مٽا سٽا


پيارو ٻارو! طبي سائنس اهڙي دور ۾ داخل ٿي چُڪي آهي، جتي انساني عقل دَنگ رهجي ٿو وڃي. جهڙي طرح هڪ انسانَ جي دل ٻئي انسانَ کي لڳائڻ جو تجربو ڪامياب رهيو، اهڙي ئي نموني هڪ نابين انسان کي ٻئي انسانَ جي اک لڳائي نُورَ وارو ڪرڻ جا تجربا ڏاڍي ڪاميابيءَ سان جاري آهن. اهڙن حيرت ۾ وجهندڙ تجربن ان ڳالهه کي بنهه آسان ڪري ڇڏيو آهي ته ڪنهن انسانَ جو رتُ ٻئي انسان ۾ داخل ڪيو وڃي. ان عملَ کي رت چاڙهڻ (BLOOD TRANSFUSION) چيو وڃي ٿو. اسپتالن ۾ ڪنهن به آپريشن لاءِ رت چاڙهڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو. اوهان گهڻو ڪري ڏٺو هوندو ته ڪنهن به حادثي ڪري يا ڪنهن بيماريءَ سبب جڏهن مريضن ۾ رت جي گهٽتائي پيدا ٿي پوندي آهي ته پهريائين اهڙي گهٽتائيءَ کي ختم ڪرڻ کان سواءِ سندس سرجريءَ (آپريشن) لاءِ سوچي به نٿو سگهجي. تڪڙي ضرورت جي پورائيءَ جي لاءِ رتُ عام طور خانگي يا سرڪاري بلڊ بئنڪن ۾ ذخيرو ڪيو ويندو آهي، ڪيميائي جُزن يا ڪِن دوائن جي استعمال سان هڪ خاص وقت تائين رت کي تازو ۽ ڪتب آڻڻ جوڳو رکيو وڃي ٿو. جڏهن به رت ڪنهن مريض لاءِ گهربل هوندو آهي ته سڀ کان اڳ ۾ سندس رَت جو قسم يا گروپ جاچبو آهي، تنهن کانپوءِ ساڳئي گروپ واري صحتمند رَتُ ڏيندڙ ماڻهوءَ (DONOR) جي رَت جو نمونو وٺي مريضن جي رت سان مِلائي چيڪ ڪبو آهي، جنهن کي ڪراس مئچ (cross match) چئجي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن به غفلت سبب غلط گروپ جو رت مريض جي جسم ۾ شامل ڪيو ويو ته بنيادي گروپ ۾ بِگاڙِ سبب شديد ردعمل (severe reaction) ٿيڻ ڪري مريض مري به سگهي ٿو. اهڙي ڳالهه جو حد کان وڌيڪ خيال ڪيو وڃي ته مريض کي رت جو اهو ئي قسم لڳايو وڃي، جيڪو سندس اصل گروپ آهي. مثال طور O+ve واري کي O+ve ۽ B-ve واري کي B-ve گروپ لڳائڻ ضروري آهي. 1657ع ۾ سڀ کان پهريائين لنڊن جي هڪ اسپتال ۾ هڪ مريض جي جسم اندر ڪنهن تندرست انسان جي رت شامل ڪرڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو. هي رت چاڙهڻ جو ابتدائي زمانو هو، جنهن ۾ رت جي مختلف قسمن جي درست نموني ڪا خبر نه پوندي هئي، جيئن جيئن سائنس ترقي ڪندي وئي ۽ تجربن جي دنيا روشن ٿيندي وئي، ماهرن انهيءَ مسئلي کي به بلڪل ئي ختم ڪري ڇڏيو ۽ انساني رت بلڊ بئنڪن ۾ محفوظ ڪرڻ شروع ڪيو. اهڙيءَ ريت بيمار انسانيت صحت جي نعمت سان مالا مال ٿيڻ لڳي هِيسيل هُٻسيل ويڳاڻا پيلا مُکڙا، لالُ گلابي گل بڻجي مسڪرائڻ لڳا. هِيڻيون هَلڻ ڦرڻ کان هَلاڪ ٽنگون شفاياب بڻجي تيز ڊوڙڻ لڳيون. علم سان چاههُ رکندڙ ٻارو! مٿين معلومات کان سواءِ توھان کي اهو ٻُڌائڻ به ضروري آهي ته رت جي ڪيترين خوفناڪ بيمارين جهڙوڪ: ٿيليسيميا، هيموفِليا، ليوڪيميا، ليموفوما، پَرپيورا وغيره ۾ صحتمند رَت جي حد کان وڌيڪ ضرورت پوندي آهي. تنهنڪري هرهڪ تندرست ماڻهوءَ کي ڪنهن به خوف يا هروڀرو نٽائڻ کان سواءِ اهڙن مريضن کي صحت رسائڻ لاءِ رت جو عَطيو خوشيءَ سان ڏيڻ گهرجي، عام صحتمند جسم هر ٽن مهينن کانپوءِ هڪ ٿيلهي يا Pint (16 آئونس) مريض کي رت جي بي بها سوکڙي ڏيئي نيڪي ڪمائڻ کان سواءِ انسانيت جي عملي خدمت ڪري سگهي ٿو.