سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18447   ڀيرا پڙهيو ويو

اوٻاريل ۽ ڪچو آنو


ڇا اِهو ممڪن آهي ته اوهان آني جو خولُ ٽوڙڻ کان سواءِ، روشنيءَ جي مدد سان بنا ڏسڻ جي ٻڌائي سگھو ته انڊو ڪچو آھي يا اوٻاريل ؟ اچو ته انهيءَ جو تجربو ڪيون. توهان هڪ وڏو ٿالهه کڻو يا ڪنهن صاف نرم جڳهه جي چونڊ ڪريو، ان کان پوءِ جنهن آني/بيضي تي تجربو ڪري رهيا آهيو، ان کي ٿالهه ۾ رکي زورَ سان گُهمايو ۽ غورَ سان آني کي ڏسندا رهو، جيڪڏھن اهو مڪمل اُٻريل آھي ته ھڪجھڙي رفتار سان دير تائين ڦرندو رهندو ۽ جيڪڏهن ڪَچو آهي ته آهستي هلندو ٿيڙَ کائيندو ۽ جلدي بيهي رهندو. هاڻي ان کي ٻيهر گُهمايو ۽ ان جي چُر پُر بلڪل ختم ٿيڻ کان پهريائين آني کي آڱر سان روڪي ڇڏيو. جيئن ئي اوهان پنهنجي آڱر هڪ پاسي ڪندا ته ڪچو آنو آهستي آهستي ٻيهر ڦِرڻُ شروع ڪندو، جڏهن ته اُٻريل آنو بلڪل بيٺو رهندو. آخر اِنهيءَ عمل جو سبب ڪهڙو آهي؟ اِن جو سبب اِهو آهي ته اُٻريل آنو ٻين نَهرن جسمن جيان چَڪَرَ ڏئي ٿو پر ڪچو آنو اڌ پاڻياٺي جسم سان پيدا ٿيندڙ اثر سبب مختلف عمل ڪري ٿو. اول ته ڦِرڻ وقت آني جا اندروني تھه بيروني تھن جي ھيٺان رهجي وڃن ٿا ۽ ان جي وچ ۾ رڳڙ جي خول جي رفتار ھلڪي ۽ سُست بڻجي پوي ٿي. اِها رڳڙ بيضي جي ڦِرڻ واري توانائيءَ ۾ ڪجهه مقدار کي حرارت ۾ مٽائي ان کي دير تائين ڦيرائڻ ۾ رُخنو وجهندي آهي. جيڪڏهن آني کي هٿ سان روڪيو وڃي تڏهن به اُن اندر پاڻياٺ ڦرندي رهندي آهي، جنهن سان آنو وري چَڪَرَ ڏيڻ لڳندو آهي. اهڙي طرح هڪدم اسان کي ڪَچي ۽ اُٻريل آني ۾ فرق جي خبر پئجي سگهي ٿي.