سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (608) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18396   ڀيرا پڙهيو ويو

هوائي جهاز جي هوا ۾ ٽٻي


هوائي جهاز هاڻوڪي وقت ۾ اچ وڃ جو سڀ کان تڪڙو وسيلو آهي. اِها ته اوهان کي ضرور خبر هوندي ته، هوائي جهازَ ڪيترن ئي قسمن جا ٿيندا آهن. جنگي جهازَ: هر ملڪ جي هوائي فوج وٽ سرحدن جي سنڀالَ ۽ دشمنن تي حملي لاءِ جنگي جهازَ هوندا آهن. مسافر کڻندڙَ؛ جيڪي ماڻهن کي هڪ ماڳَ کان ٻئي ماڳَ تي پهچائن ٿا، ٽرانسپورٽ جهازَ: وڏين وڏين مشينن يا سامان کي هيڏانهن هوڏانهن رَسائڻ لاءِ استعمالُ ڪيا ويندا آهن. انهن کي ڪارگو جهازَ به ڪوٺجي ٿو. ٻارو! هوائي جهازَ کي ٻه وڏا حصا ٿيندا آهن. پوئين حصي کي پُڇ (Tail) چيو ويندو آهي ۽ باقي سموري حصي کي جهاز (Plane) سڏجي. پُڇ جا وري ٽي حصا ٿيندا آهن، وچ ۾ هڪ اُڀو، سِڌو، ننڍو پَرُ ۽ ٻه ٻنهي پاسن طرف پکڙيل ويڪرا پَر، جيڪي هڪٻئي جي سامهون ٺهيل ٿين ٿا. اهڙيءَ طرح وري هر پاسيري پَر جا وڌيڪ ٻهَ حصا هوندا آهن. انهيءَ جو ٻيو حصو اهم آهي، جنهن جي مدد سان جهاز جي جھڪڻ کي ضرورت وقت هيٺ مٿي ڪري سگهبو آهي. پڇ يا ٽيل، پلين سان گڏ ضابطي هيٺ فليپ (Flap: هڪ قسم جو پَرُ) ڪري لاڳاپيل هوندو آهي. انهن پَرن کي ڪپتان پنهنجي مرضيءَ موجب هيٺ مٿي ڪري سگهندو آهي. فليپ- ضابطا جواءِ اسٽڪ (Joy Stick) وسيلي هيٺ ڪري سگهبا آهن. جڏهن فليپ کي ڪنٽرول ذريعي مٿي ڪندؤ ته جهازَ جا پکا جيڪي هوا کي تمام گهڻي تيزيءَ سان پٺتي ڌِڪيندا آهن، اهي فليپ مٿان گذرندڙ سڄي ٽيل پلين کي هيٺئين پاسي دٻائي ڇڏيندا آهن، جنهن سان جهازَ جو اڳيون حصو معنيٰ منهن مٿئين پاسي رخ ڪري وٺندو آهي. هيءُ عملُ لاڳيتو جاري رهڻ سان جهازُ مٿي ئي مٿي کڄندو ويندو آهي. جڏهن هواباز فليپ وسيلي هيٺين پاسي دٻائيندو آهي ته جهاز جي پَکي مان جيڪا هوا پوئين پاسي نڪرندي آهي، اها فليپ هيٺان تيز رفتاريءَ سان گذري ويندي آهي. اهڙي نموني هيءَ تيز هوا سڄي جهاز کي مٿئين پاسي کڻندي آهي، جنهن سان جهازَ جو اڳيون حصو هيٺئين پاسي جهُڪندو ويندو آهي ۽ ڌرتيءَ تان پسندڙن کي ايئن ڏيکاربو آهي ڄڻ جهاز هوا ۾ ٽُٻِي (Dive) هڻي رهيو آهي.