سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18452   ڀيرا پڙهيو ويو

اسان ڪيئن ٻڌون ٿا؟


هر اُهو آواز جيڪو اسان ٻُڌون ٿا سو اصل ۾ هوا جي حرڪت يا ڪنهن ٻي ڏڪڻيءَ يا لرزش جو ردِعمل هوندو آهي. فرض ڪريو ته جيڪڏهن هوا بِنهه نه هجي ها ته پڪ سان ڪوبه آواز ٻُڌڻ ۾ نه اچي ها. جيئن پاڻيءَ ۾ ڪا شئي اڇلائي وڃي ته گولائيءَ جي صورت ۾ ڪيئي لهرون پيدا ٿي پونديون آهن، بلڪل اهڙيءَ ريت جڏهن ڪوبه آواز نڪري ٿو ته فضا ۾ هڪ قسم جو لوڏو (ارتعاش) پيدا ٿئي ٿو. هي لوڏو هوا ۾ (پاڻيءَ وانگر آواز جي لهرن جو) هڪ گهيرو بڻائيندو آهي. اها لرزش يا پيدا ايندڙ گونجارَ هوا جي اِنهن لهرن تي سوارُ ٿي اسان جي ڪَنن ۾ داخل ٿي ويندي آهي. ڪَنُ اندر به قدرت هڪ سرشتو جوڙيو آهي، جنهن ۾ سڀ کان اهم ۽ نازڪ حصو ڪن جو پردو آهي. تنهنڪري آواز جي داخل ٿيڻ کانپوءِ ڪن اندر به اها گونجَ هڪ چُرپر پيدا ڪري ٿي. ڪن جي بناوت هڪ مائيڪ يا لائوڊ اسپيڪر وانگر آهي. ان جي اندرئين حصي ۾ لڳ ڀڳ هڪ انچ ڊگهي ٻڌڻ واري رڳَ ٿيندي آهي. جڏهن آواز جي لرزش لهرن وسيلي ڪن ۾ داخل ٿئي ٿي ته اها رَڳ هڪدم اُن کي دماغ ڏانهن ڌِڪي ڇڏيندي آهي. آواز جي لرزش ڪَنَ ۾ پهچڻ کانپوءِ ڪجهه ٻين حصن ۾ به لرزش پيدا ڪري ٿي. ٻُڌڻ واري رڳ جي اندرئين ڇيڙي تي هڪ پردو يا جِهلي لڳل ٿئي ٿي ، جيئن دُهل تي کَلَ . اوهان ته ڏٺو هوندو ڇِڪيل کَلَ تي جڏهن به هلڪو ڌَڪُ هَڻئون ٿا ته وڏو آواز پيدا ٿئي ٿو. جنهن وقت آواز جي لرزش، ٻُڌڻ واري نس وسيلي انهيءَ غلاف تائين رَسي ٿي ته انهيءَ ۾ به لرزو پيدا ٿِي پوي ٿو. هاڻي ان پردي بابت ڪجهه غور سان ٻڌو: الله جي قدرت انهيءَ اندر هڪ ننڍڙو زنجيرنما سلسلو (Chain System) جوڙيو آهي. جڏهن ڪنهن آواز جي لرزش انهيءَ پردي تائين رسي ٿي ته ٽئي ننڍڙيون نرم نازڪ هڏڙيون (Mallcul, Incus, Stapes) اڳتي پوئتي لُڏنديون آهن ۽ آواز کي ڪَن جي اندروني حصي ڏانهن اماڻي ڇڏينديون آهن. اندريون حصو ڪنهن مشڪل مشين وانگر بڻايو ويو آهي. انهيءَ حصي جو بنيادي ڪم آواز جي لرزش کي دماغ تائين پهچائڻ آهي. اهڙي پهچَ بعد اسان هڪدم ٻُڌي وٺندا آهيون. نازڪ، حساس ۽ اهم جسماني پُرزي کي ڪنهن مشين جيان تيلُ به ملندو رهندو آهي، جنهن سان اهي بهتر ڪم ڪندا آهن، اهڙي نموني اسان چوطرف جو چوٻولُ، پنهنجن مِٽن مائٽن، دوستن جون ڳالهيون، پکين جون لاتيون، گيتَ، ريڊيو، ٽي-ويءَ جي ڪامنٽري، خبرون ۽ ٻيا سمورا آواز ٻُڌندي، حالتن کان باخبر رَهندا آهيون ۽ سک سلامتيءَ سان زندگيءَ جا پَلَ پورا ڪندا آهيون. 