سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18438   ڀيرا پڙهيو ويو

کنوڻ


پيارا ٻارو! انساني ارتقا جي ابتدائي دؤر ۾ ڪي ڪُند ذهن ۽ اڌورو عقل رکندڙ اهڙيون قومون به هيون، جيڪي قدرت جي نشانين جهڙوڪ سج، چنڊ ۽ تارن کي پنهنجو خدا سمجهي انهن جي پوڄا پاٺ ڪنديون هيون. مختلف قومن قبيلن ۾ هرهڪ جي پوڄا جو طريقو جدا جدا ۽ پنهنجو هو. ڪي سج کي پنهنجو خدا ۽ ديوتا سمجهي، اُنَ آڏو سِرُ نوائيندا هئا. ڪي چنڊ کي عبادت لائق ڄاڻندا هئا ۽ ڪي قومون وري کِنوڻ جي پوڄا ڪنديون هيون. ايتري قدر جو وچئين دور ۾ اِهو سمجهيو ويندو هو ته ڪليسائن جا گهنڊ گهڙيالَ وڄائڻ سان سموريون آفتون ٽَري وينديون ۽ ايندڙ طوفانَ به رُڪجي پوندا. کنوڻ لاءِ هندستان ۽ پاڪستان جي ڪيترن ئي ماڻهن جو خيالُ هو ته کنوڻ ڪاري يا ڳاڙهي رنگ جي ڪپڙن تي ڪِرندي آهي. ڪي وري ان ڳالهه تي يقين رکندا هئا ته کنوڻ نانگ يا کير ڏيندڙ جانورن تي ڪِرندي آهي. اهڙيءَ طرح مختلف ماڻهو قسمين قسمين وهمن وسوسن ۾ وڪوڙيل هئا. لڳ ڀڳ 1752ع ۾ سڀ کان اڳ هڪ آمريڪي طبعي ماهر ’بنجمن فرينڪلن‘ اِهو ڳُجههُ ڳولي لڌو ته رڳڙ يا گاٺ سان پيدا ٿيندڙ هٿرادو بجلي يا کنوڻ اصل ۾ هڪ ئي قسم جي بجليءَ جا ٻه روپ آهن. فرق فقط ايترو آهي ته هڪ فرمانبردار يا ضابطي هيٺ آهي، جنهن کي ماڻهو پنهنجي مرضيءَ ۽ ضرورت موجب ضابطي هيٺ رکي سگهي ٿو. جڏهن ته ٻِي انساني وس ۽ ڪنٽرول کان ٻاهر آهي. انهيءَ سلسلي ۾ بنجمن فرينڪلن تجربي طور هڪ ريشمي ڪپڙي جو وڏو لغڙ بڻايو ۽ ان ۾ ٽامي جو هڪ ٽڪرو لڳائي هڪ طاقتور ڌاڳي سان ٻَڌي هوا ۾ اُڏاريو. انهيءَ مضبوط ڌاڳي سان گڏ هُن هيٺئين پاسي رومال ٻَڌو. ڌاڳي ۾ ٻَڌل لوهه جي هڪ ڪُنجيءَ کي جڏهن ڪنهن به هٿ لاتو پئي ته اُن مان هلڪيون چڻگون (sparking) نڪتيون پئي. انهيءَ تجربي مان هُن اِها ڳالهه ثابت ڪئي ته ڌرتيءَ واري بجلي ۽ آسماني کنوڻ ۾ ڪوبه فرق ڪونهي. انهيءَ سلسلي ۾ هڪ تجربو روس جي هڪ پروفيسر سائنسدان به ڪيو، پر ٿورڙي ڪوتاهيءَ ۽ بي احتياطيءَ ڪري هو مري ويو. اڄڪلهه ڏکڻ آفريڪا جا ٻه پروفيسر اُن کوجنا ۾ آهن ته کنوڻ کي ڪهڙيءَ ريت انسان پنهنجي استعمال ۾ آڻي سگهي ٿو. انهن پنهنجي تحقيق وسيلي اهو اندازو لڳايو آهي ته آسمان مان اٽڪل تقريباً ڏهه کرب ڪلوواٽ سالياني کنوڻ خارج ٿئي ٿي. جڏهن هڪ ڪلوواٽ بجليءَ مان 16 بتين وارو هڪ لئمپ پنجن ڪلاڪن تائين لاڳيتو روشن رهي سگهي ٿو. کِنوڻ جو چمڪو سيڪنڊ جي هڪ ننڍڙي حصي جيترو مس ٿئي ٿو. جيڪڏهن ٿورڙو ويچار ڪجي ته هڪ سيڪنڊ تائين چمڪ موجود رهندي ته اهو ڏهه کرب ڪلوواٽ بجليءَ جو مقدار رڳو ايترو ٿيندو جو هڪ لک انسانن جي آباديءَ کي هڪ ڪلاڪ تائين روشني رَسائي سگهي ٿو. انهن آمريڪي سائنسدانن جي محنت، جاکوڙ، عقل ۽ ڏاهپ کي داد ڏيڻو پوندو، جن پنهنجي ڳُوڙهن تجربن جي روشنيءَ ۾ ان ڳالهه جو اندازو لڳايو آهي ته ان چمڪي يا شعاع جي رفتار ۽ بجليءَ جو مقدار ڪيترو آهي. مٿي ذڪر ڪيل امريڪي سائنسدانن کان اڳ ۾ به هن ملڪ جي هڪ ڪارخاني هٿرادو کنوڻ پيدا ڪرڻ جي هڪ مشين تيار ڪئي هئي، جنهن مان هوبهو آسماني کنوڻ جهڙو شعاع پيدا ڪري سگهبو هو. اُن مشين جو فائدو اِهو هو ته بجليءَ وارين مشينن جي پُرزن جي جاچ پَڙتال سولائيءَ سان ٿي سگهندي هئي. کِنوڻ لاءِ گهڻن ماڻهن جو اِهو به خيالُ آهي ته اِها هميشھ آسمان مان ڌرتيءَ تي ڪِرندي آهي. اِنهيءَ عمل جي ابتدا ۾ هڪ شعاع نروار ٿي، اهڙي خبر ڏئي ٿو، جنهن بعد کنوڻ آسمان مان هيٺ ڪِري ٿي. پهريائين ايندڙ شعاع جي تيز رفتاريءَ جو اندازو 44800 ڪلوميٽر في سيڪنڊ لڳايو ويو آهي. جڏهن ڪڪرن مان مينهَن-ڪَڻيون ڪِرن ٿيون ته انهن مان هڪ قسم جو برقي شعاع پيدا ٿي پوي ٿي ۽ ان جي مقدار جو 10/9 حصو ڪڪرن مان واڌوءَ مان ڪاٽو ٿي هڪ ڪَرو بڻائي ٻُڙي ڊگري قوت تي هليو ويندو آهي، معنيٰ بارَ (Bar) کان خالي ڪري ڇڏيندو آهي. طبعي علم جي ڄاڻن ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ اُن ڳالهه جو ڳُجهه ڳولي لڌو ته ڪَڪرن ۾ ٻن قسمن جي بجلي هوندي آهي، هڪ ڪاٽو ۽ ٻي واڌو، ڇو ته بجلي جنهن پاسي کان ايندي آهي، ان کي واڌو ۽ وري جنهن پاسي ويندي آهي، اُن کي ڪاٽو چئبو آهي. مٿينءَ ڳالهه مان اِها سُڌ پوي ٿي ته جهڙيءَ طرح چقمق پوريءَ طاقت سان لوههَ کي پنهنجي پاسي ڇڪيندو آهي، بلڪل اهڙيءَ ريت بجلي به هڪٻئي سان ملڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. تجربي طور جيڪڏهن ٻه واڌو تارون ويجهو رکبيون ته بجليءَ جو وهڪرو پيدا نه ٿيندو. ان جي اُبتڙ هڪ واڌو ۽ هڪ ڪاٽو تار رکي ويندي ته بجلي اها ڪوشش ڪندي ته وچ واري هوا مان رنڊڪ ختم ڪري هڪٻئي سان ملي وڃي، پوءِ جڏهن اهو عمل ٿيندو ته هڪ چڻنگ يا شعاع سان ڌماڪيدار آواز پيدا ٿيندو. کنوڻ ڪڏهن ڪڏهن هڪ کان ٻئي ۽ ٻئي کان ٽِئين ڪَڪَرَ ۾ هلي وڃي ٿي، ايستائين جو ايتري انداز ۾ پکڙي ٿي، جو هوا به اُن کي روڪي نٿي سگهي ۽ پوءِ ڌرتيءَ تي ڪِرڻ جا سانباها ڪرڻ لڳندي آهي. اهڙيءَ طرح پيدا ٿيندڙ چَمَڪَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن سيڪنڊ جي ننڍڙي حصي برابر وقفو ٿئي ٿو، پر گهڻائيءَ سبب خبر نٿي پوي ته ڪيترو وقت چمڪي آهي. کنوڻ جو چِلڪو يا چَمَڪَ گهڻو ڪري ڪارن ڪڪرن سان ڍَڪيل آسمان تي وَرَ وَڪڙ ڏِنگڙي يا وڻن جي شاخن جي شڪل ۾ تيز تَجلي سان ظاهر ٿئي ٿي، تنهن ڪري ئي کنوڻ کي انگريزيءَ ۾ Forked Lightening چئجي ٿو، جنهن جي لفظي معنيٰ شاخدار روشني آهي. سنڌيءَ ۾ اهڙي تيز شاخدار روشنيءَ کي کِنوڻ، بجلي يا وِڄُ-وراڪو به چئجي ٿو. وِڄُ-وراڪي جي علامت اِها هوندي آهي ته اُن ۾ تڪڙي چَمڪي سان گڏ دل کي ڏڪائيندڙ نهايت خوفائتو ڌَڌڪو پڻ ٿيندو آهي، جڏهن اِهو برقي ڌماڪو فضا ۾ گونجي ٿو ته وڏا وڏا وڏا بهادر به ڏَڪِي وڃن ٿا. سنڌيءَ ۾ اُن کي ’گوڙِ‘ چئبو آهي. ڏِٺو ويو آهي ته کنوڻ جنهن جاءِ تي هڪ دفعو ڪِري ٿي، اُتي ٻيهر ڪِرڻ جو وڌيڪ خوف رهندو آهي، ڇو ته جنهن جاءِ تي اها ڪِري ٿي، آسپاس واري هوا ۾ هڪ خالُ (space) پيدا ٿي پوندو آهي، ان ڪري ئي وري ساڳئي ڪِرڻ جو امڪان وڌيڪ هوندو آهي. ٻارؤ! جنهن جاءِ تي کنوڻ ڪِري ته اُتي اوهان ڏسندؤ ته گندرف سڙڻ جهڙي ڌپ ايندي آهي. ان جو سبب اِهو ٿي سگهي ٿو ته برقي شعاع پيدا ٿي آڪسيجن جي جزن ۾ ڀڃ ڊاههَ وارو عمل شروع ڪري ٽن حصن وارو هڪ تَههُ جوڙي ٿو، جنهن کي فني ٻوليءَ ۾ اوزون (Ozone) سڏجي ٿو. ڊاڪٽرن جو خيال آهي ته هِيءُ اوزون، دَمَ ۽ ڦڦڙن جي تڪليف واري مريضَ لاءِ حد کان وڌيڪ فائديمند ۽ اڪسيرُ آهي. اوهان گلن جهڙن ٻارڙن کي اِهو ٻُڌائڻ به ضروري آهي ته جيڪڏهن ڪنهن بدنصيب ماڻهوءَ تي کِنوڻ ڪَڙڪِي ڪِري پوي ته سندس سلامتيءَ ۽ بچاءَ لاءِ ڪهڙا ابتدائي اُپاءَ وٺڻ ضروري آهن. ان سلسلي ۾ سڀ کان پهريائين اهو جاچڻ گهرجي ته وِڄُ جنهن مٿان ڪِري آهي، ان جو جسمُ ڪيترو متاثر ٿيل آهي؟ ڇا سندس سمورو جسم ته ان ساڙيو نه آهي؟ جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ اهڙي انسانَ يا جانور جي بچڻ جي ڪابه صورت ڪانهي. پوري جسم تي کِنوڻ ڪِرڻ جي نشاني اِها آهي ته سمورو جسم ڪاراٽجي هنڌان هنڌان ڦاٽي پوندو آهي. جسم جي ڪنهن حصي تي ڪِريل کنوڻ واري مريض کي سڀ کان پهريائين اونڌو سمهاري بچاءَ لاءِ ڪجهه تڪڙا هٿرادو طريقا استعمال ڪجن. ليٽائڻ بعد اُن جا ٻئي هٿ اڳئين پاسي اهڙيءَ ريت پکيڙيو جيئن سندس مٿو هڪ پاسي جهُڪي وڃي، پر ٻنهي هٿن جي وچ ۾ هجي. پوءِ ڪوي ٻيو ماڻهو سندس چيلهه تي اهڙي نموني ويهي، جو هو مريض جي ٻنهي سٿرن جي وچ ۾ اچي وڃي. هاڻي ان کي ايئن زورُ ڏيو ته جيئن پهرئين داٻ سان هوا نڪري وڃي ۽ پوءِ وري زور ڏيڻ سان هوا ڦڦڙن ۾ ٻيهر ڀرجي وڃي. هٿرادو ساهه کڻائڻ وارو اهو عمل گهٽ ۾ گهٽ ويهن کان ٽيهن منٽن تائين لاڳيتو جاري رکبو. ان کان پوءِ جي ٿي سگهي ته ڪا گرم شيءِ مثال: چانهن، ڪافي، کير، ڪاڙهو، ان کي پياريو ۽ اُهو احتياط ڪريو ته مريض کي جيتروٿي سگهي گرم رکو ۽ وڌيڪ ضروري علاج لاءِ اسپتال يا ماهر ڊاڪٽر وٽ کڻي وڃو. اهو ڏسڻ ۾ آيو آهي ته ڪيترا ڀيرا ته کنوڻ ڪِرڻ جو صدمو سَهڻ سان ڪو مري نه ٿو، پر کنوڻ ڪِرڻ کانپوءِ چوڌاري جيڪو خالُ پيدا ٿي پوي ٿو ۽ اُن ۾ چئني پاسن کان هوا ڏاڍي تيزيءَ سان داخل ٿئي ٿي، ان ڪري اهڙي هوائي داٻَ (Air pressure) جي ڪري ماڻهو مري وڃي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن وري کنوڻ جي خوف کان، اکين آڏو تباهيءَ واري تڪڙي منظر کي ڏسي متاثر ماڻهو اهو وِيچاري ٿو ته کنوڻ جهڙي جسم جلائيندڙ باهه مون تي اچي ڪڙڪي آهي، سو آءٌ زندهه ڪيئن ٿو بچي سگهان! ان ذهني دٻاءَ جي ڪري سندس سوچ اثرانداز ٿئي ٿي يا دِل -دَهڪو ختم ٿي ٿو وڃي. 