سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (608) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18397   ڀيرا پڙهيو ويو

بجلي ڪيئن لڌي؟


بجليءَ جي طاقت کي برقي قوت به ڪوٺيو وڃي ٿو. جڏهن ته انگريزي ٻوليءَ ۾ اُن کي اليڪٽر سِٽي (Electricity) جو نالو ڏنو ويو آهي. بجليءَ جي جهوني تاريخ اهو به ٻُڌائي ٿي ته انهيءَ طاقت جو سڀ کان پُراڻو نالو اليڪٽرون (Electron) هو. چيو وڃي ٿو ته حضرت عيسيٰ عليه السلام جي پيدائش کان 600 سالَ اڳ بجليءَ جي کوجنا ٿي چُڪي هئي ۽ لڳ ڀَڳ 2500 سالن کان پوءِ انسان ان جو استعمال روشني، ٽي-وي، ريڊيو، ريفريجريٽر، چُرندڙ تصويرن، بجليءَ جي بَلبن، ٽيليفون، ڪارخانن،ريل گاڏين ۽ ٻين گهڻين ئي شين ۾ شروع ڪيو. هي اُهي عامُ ايجادون آهن، جن جو سڌو سنئون برقي قوت سان لاڳاپو ۽ واسطو آهي. بجليءَ جي ڳولا وارو قصو، جيڪو ڇهه سئو سال قبلِ مسيح ۾ شروع ٿيو، سو يونان جي هڪ سائنسدان ٿيلز ۽ پٿر ٽڪر واري ڪهاڻيءَ جو حصو آهي، جنهن جي صورت ماکيءَ جي ڄميل سخت ماناري جهڙي هئي، جيڪا اصل ۾ ديالَ جي وڻن جي رَسُ هئي. هاڻي ته ان جي پيداوار به ختم ٿي چڪي آهي، اها ڪيترا هزار سال اڳ گهڻي انداز ۾ ٿيندي هئي. جنهن زماني ۾ اها رَس وڻن مان نڪرندي هئي، بجليءَ جي ڳولا واري وقت تائين اُن تي مِٽيءَ جو ٿلهو تهه ڄمي ويو هو ۽ اها سخت شيءِ ٽڪر جهڙي بڻجي وئي. گهڻي وقت کانپوءِ انهيءَ جو قدرُ ٿيو، جو ٿيلز جي زماني ۾ عام طور گهڻي ڀاڱي اهي ٽڪر ڏٺا ويندا هئا. هڪ ڏينهن ٿيلز اهڙي هڪ ٽَڪر کي ڪنهن ڪپڙي سان رڳڙيو ته اها ڏسي ڏاڍوحيران ۽ خوش ٿيو، ان رڳڙ سان اُن ۾ هڪ قسم جي ڇڪ يا چقمقي قوت پيدا ٿي چڪي هئي . جڏهن هن ڪاغذ جي ننڍڙن ٽُڪرن کي انهيءَ جي ويجھو آندو ته اهي ان طرف ڇڪجي ٿي ويا. تنهنڪري هن اهڙي عمل تي وڌيڪ تجربا ڪيا ۽ تمام گھڻي تحقيق کانپوءِ ان نتيجي تي ڪاميابيءَ سان پهتو ته ڇڪ واري طاقت اهڙي ڪارائتي قوت آهي، جيڪا انهيءَ پٿريلي ٽڪر ۾ ئي موجود آهي ، ان ڪري انهيءَ قوت جو نالو ’اليڪٽرون‘ رکيائين ، جيڪو پوءِ اليڪٽرسٽي (electricity) يعني برقي قوت يا بجليءَ جي نالن سان سڃاتو ويو ۽ اڄڪلهه انهيءَ قوت سان اسان پنهنجي زندگيءَ جو سمورو نظام هلائي رهيا آهيون. اڄ جي دور ۾ زندگيءَ جو شايد ئي ڪو اهڙو شعبو هجي ، جتي بجلي استعمال نه ٿيندي هجي. اڃا به ايئن کڻي چئجي ته هيءَ قوت اسان جي زندگيءَ جو اهڙو اهم جزو بڻجي چڪي آهي ، جنهن کان سواءِ زندهه رهڻ ناممڪن آهي. 