سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18419   ڀيرا پڙهيو ويو

غريب سال


نئين انگلستان ۽ اوڀر ڪئناڊا جي رهواسين لاءِ 1816ع هڪ اهڙو سالُ هو، جنهن ۾ گرميءَ واري موسم آئي ئي ڪانه هئي. انڪري اتان جا رهاڪو انهيءَ سال کي غريبُ سالُ يا بنا گرميءَ وارو سال ڪري ياد ڪندا آهن. اِها ڳالهه فقط ٿڌ تائين محدود ڪانهي پر گرمين واري مُند ۾ به گرمي-پد هيٺ ئي رهيو ۽ اهڙي ٿڌ جو اثر سڄي ڌرتيءَ تي محسوس ڪيو ويو، پر اترآمريڪا جو اتر-اوڀر وارو حصو ته ان ٿڌ جي شديد لهر ۾ وڪوڙيل رهيو. اُتي جُونِ مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ اهڙو زورائتو طوفان آيو جو ماڻهو ته ماڻهو، جانورَ ۽ فصلَ به سيءَ سبب سڪِي سڙي ويا ۽ سڄو علائقو برف جي ٿُلهي تَههَ سان ڍَڪجي ويو. ڪيترائي پکي ۽ چوپايا هِنَ خوفائتي ٿڌ جي وَر چڙهي ويا. اهو سِلسلو نه رڳو ڪجهه ڏينهن هليو پر سڄو سال برفباري ٿيندي رهي ۽ سخت سردي پوندي رهي. جيڪي پوکون بچي ويون سي به استعمالَ جهڙيون نه رهيون. ٻارو! سوچڻ جي ڳالهه اِها آهي ته آبهوا ۽ موسم جي اهڙي غير معمولي تبديليءَ جو آخر ڪارڻ ڪهڙو هو......!! اُنهيءَ زماني جي ماهرن ۽ سائنسدانن اهڙي ڦيرگهيرَ جو اصل ڏوهي ’سج جي داغن‘ کي قرار ڏنو. اُهي داغَ جيڪي پهريون ڀيرو ئي سواءِ دوربين جي چِٽا ۽ واضح نظر آيا هئا. ٿِي سگهي ٿو ته اهڙي تبديليءَ جو سج جي داغن/چُٽن سان به ڪو واسطو هجي پر شَڪُ اِهو به ڏيکاريو ويو ته هڪ زبردست ٻرندڙ جبلَ سڀ ڪجهه ڪيو. ھِن واقعي کان اڳُ واري بهارَ جي مندَ ۾ ڌرتي جي هُن ڀَرِ هڪ ٻرندڙُ جبلُ ڦاٽو هو، جنهن مان لاڳيتو پنجن ڏينهن تائين رَکَ، باههِ ۽ دونهين جا گهاٽا ڪَڪَرَ فضا ۾ اُڏامندا رهيا. انهن مَٿان هڪ اهڙو گندو، مَيرو ۽ ڪارو ڪڪر ڇائنجي ويو، جنهن چئني پاسي ڪيترن ڪلوميٽرن جي علائقي کي پنهنجي گهاٽي پاڇي ۾ ڍڪيندي اوندهه انڌوڪار ڦهلائي ڇڏي . خيالُ ڪيو وڃي ٿو ته اُنهيءَ ٻرندڙ جبل جِي دَزَ، ڌوڙِ/گــسَ هوائن وسيلي دنيا جي ڪُنڊَ ڪڙڇ ۾ پهچي وئي. اِهو به ممڪن آهي ته اُها ڌُوڙِ آمريڪا جي اُتر اوڀر حصي تي دنيا جي ٻين خِطن کان وڌيڪ اثر ڏيکاريو هجي ۽ ايئن به ٿي سگهي ٿو ته اُنهيءَ گــسَ يا مٽيءَ ڪري سج جي گهڻي گرمي خلا ۾ ئي واپس موٽي وئي هجي ۽ ان علائقي تائين تيکَ/ڪرڻن جي پهچ نه ٿي سگهي هجي. ظاهري طور تي اِهو ئي سبب نظر اچي ٿو، جنهن ڪري اُتي گرميءَ وارن مهينن ۾ به سياري جهڙي مُندَ رهي. انهيءَ نظرئي کي مڃيندڙ ۽ پٺڀرائي ڪندڙَ اِهو به ٻُڌائن ٿا ته پوءِ ايندڙ گرم مند کان اڳواٽ اهڙي ڌُڌڙِ جو گهڻو حصو برف ۽ برسات ڪري هيٺ ڄمي ويو هو، جنهن سبب گرميءَ جو درجو پنهنجي معمول تي موٽي آيو. ٻارو! هِتي اهو ٻُڌائڻ به ضروري ۽ دلچسپ آهي ته آبهوا جي ڪيترن ماهرن هڪ اهڙو نظريو به پيش ڪيو آهي جيڪو اسان جي خيالن ۽ اميدن جي بلڪل ابتڙ آهي. جيڪڏهن اسان کان اِهو سوالُ ڪيو وڃي ته ڌرتيءَ جي آبهوا ڇالاءِ گرم بڻجي سگهي ٿي؟ اسان مان گھڻا ماڻهو اِن سوالَ جو اِھو جواب ڏيندا ته ’سج جي تيز روشنيءَ وسيلي.‘ پر سائنسدانَ انهيءَ جو ڪجهه ٻيو جواب ڏين ٿا، سندن خيالُ ۽ انومانُ اِهو آهي ته اِن گرميءَ سان فضا ۾ ڪڪر جُڙي پوندا، جيڪي انهيءَ گرميءَ ۽ تپش کي خلا ۾ ئي واپس اُماڻي ڇڏيندا. جڏهن ته ٻي معنى ۾ ان جو اثر اِهو ٿيندو ته ڌرتي پهريان کان به وڌيڪ ٿڌي بڻجي پوندي ۽ ٿي سگهي ٿو ته هِن ڌرتيءَ – گولي تي برفباري جي دور جي شروعات ٿي وڃي، جيڪا سالن جا سالَ هلندِي رهي ۽ اسان جي چوڌاري، هر پاسي اڇي اڇي برف ئي ڏسڻ ۾ اچي. 