سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18441   ڀيرا پڙهيو ويو

ڄمڻ وقت ٻار جو روئڻ


جيڪڏهن اسان مِٺڙي مالڪَ جي جوڙيل هِن سموري جڳ تي غور سان نظرَ وجهنداسين ته اسان کي قدرت جا انيڪ اچرج ۾ وجهندڙ ڪرشما ڏسڻ ۾ ايندا۔ انهيءَ ڪرشمن مان سندس هڪ وڏو ڪرشمو انسان به آهي، جنهن کي اشرف المخلوقات چيو ويو آهي، ڇا اوهان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته جڏهن به ڪو تندرست ۽ ڦتوانو ٻارُ ڄمندو آهي ته ڄمڻ سان ئي ڇو روئيندو آهي؟ اِهو هڪ عجيب سوال آهي، شايد ڪو چوي ته اهو اِن ڪري آهي جو هو هڪ دنيا مان ٻي جهانَ ۾ اچي ٿو يا وري ان ڪري جو پنهنجي ايندڙ جيون ۾ ڏکن سکن ۽ لاهِين چاڙهين کي محسوس ڪندي گهٻرائجي وڃي ٿو، حقيقت ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي، ڇو ته هڪ ننڍڙو ٻار نازڪ گلڙو هوندو آهي. ان وقت کيس ايترو شعور نه هوندو آهي جو هو ڪنهن احساس کي سمجهي سگهي! سائنس ۽ قدرت جو اِهو اصول آهي ته جڏهن ڪو ٻارُ روئيندو آهي ته هو پنهنجو ساههُ اندرئين پاسي کڻندو آهي جنهن سان سندس ڦڦڙن ۾ هوا ڀرجندي آهي ۽ هوا ۾ آڪسيجن هئڻ سبب سندس رت جو ڦيرو شروع ٿي ويندو آهي. اهڙيءَ ريت سندس ٻاهريون ۽ اندروني نظام ڪم ڪرڻ شروع ڪري ٿو. ٻار جو روئڻ دراصل انهيءَ ڳالهه جو چِٽو ثبوت آهي ته هو ساهه کڻندڙ ۽ زندهه سلامت ٻارُ آهي. اِن جو مثالُ هيئن سمجهو ته جهڙي طرح اڳوڻي وقت واري واچَ يا گهڙيال کي جيڪڏهن چاٻي گهڻي خبرداريءَ سان گهمائبي ته اُها بلڪل به نه ڦرندي ۽ نه ڪو ڪم ڪندي پر ٿورو لوڏي سان جڏهن چاٻي گهمائينداسين ته اُها هڪدم حرڪت ۾ اچي ويندي. ساڳيءَ طرح پيدا ٿيندڙ ٻارَ جي دل تيزيءَ سان چرپر ۾ نه اچي ته ٻار زندهه نه بچندو. ٻُڏل/نه روئيندڙ ٻارَ جي حياتيءَ جي به اميد گهٽ وڌ هوندي آهي.