سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18436   ڀيرا پڙهيو ويو

ٻارڙن جي ذهن ۾ اڀرندڙَ سوالَ ۽ وقت جو ڦرندڙ ڦيٿو...


• الفُ: انبُ، ب: بَلا .......... بابا! بَلا ڪيئن هوندي آهي؟ • واهَه ڙي تارا، گولُ تارا..... بابا! هِي تارا گولُ ڇو ٿيندا آهن؟ آسمان وارا ستارا ته گول نه آهن؟ • جو کيرُ پيئي، سَو وِيرُ ٿئي، ڏندَ زورُ وٺن..... بابا! کيرُ پيئڻ سان ڏندَ زورُ ڪيئن وٺندا آهن؟ اِهي سَوالَ، اهڙا ٻيا ڪيترائي سوالَ انهيءَ ننڍڙي ٻارڙي جا آهن، جيڪو پنهنجي پهرئين اسڪولَ، ابتدائي سکيا گهر... ٻاجهاري بابا کان انهيءَ ويلَ پُڇندو هو، جڏهن سندس مضبوط آڱر کي پڪڙي رتيديري شهر جي گهٽين مان گذرندي، پرائمري اسڪول نمبر: 1 ۾ سائين ڏتل شاهه ’ڏکويل‘ جي ڪلاس ۾ پهچندو هو.... وقت تيزيءَ سان گذري ٿو، اهو منظر حيات هاڻي ٽن ٻارڙن جو بابا بڻجي ويو آهي ۽ مٿين سوالن يا انهن سان ملندڙ جُلندڙ سوالن جا ڪيترائي جوابَ پنهنجي ٽن سالن جي پتڪڙيءَ پياري ماترا کي ڏيڻ لاءِ هر گهڙي، هر وقت پابند آهي! هوءَ سوال مان سوال ڪندي آهي ۽ هي سلسلو بس ٿيڻ جوڳو نه آهي.... اڄ ماترا، سڀاڻي منفرد، پَرينهنءَ ميرم.... سوالن وارو اهو سلسلو هلندو ئي رهندو!• اِن مان ثابت ٿئي ٿو ته ننڍڙن ٻارڙن جو دماغ وارو گولو سدائين گردش ۾ رهي ٿو. ڦري ٿو، سوچي ٿو، سوالَ ڪري ٿو.... عقلي اُڏامَ ۾ اهڙن سوالن جو عمل دخل نهايت ضروري آهي. ٻارَ جي ذهن ۾ لاتعداد سوال پيدا ٿيندا رهندا آهن. اڄوڪو ٻارُ ته وڌيڪ باخبر آهي ۽ اڃا وڌيڪ باخبر بڻجڻ لاءِ اڃا وڌيڪ سوالَ ڪري ٿو. ٽيليويزن، وڊيو گئم، موبائيل، ڪلڪيوليٽر، ڪمپيوٽر هِن جي هر گهڙيءَ نگاهه ۽ استعمال ۾ آهن. انهن مشيني ڪل پُرزن جي حيرت انگيز ڪمن، ڪارنامن ۽ ڪمالن کيس وڌيڪ سوچڻ ۽ وڏا وڏا سوالَ ڪندڙ بڻائي ڇڏيو آهي. هُو هوشيار آهي، سوچڻ جي سگهه اڳ واري ٻارَ جي مقابلي ۾ گهڻي اٿس، تنهنڪري اڃا وڌيڪ پُڇڻ، ٻُڌڻ، سکڻ ۽ ڄاڻ وڌائڻ چاهي ٿو. اِنهي ننڍڙي بحث مان اِها ڳالهه به ثابت ٿئي ٿي ته اسان جيڪو پنهنجي والدين کان وصول ڪيو، اهو اسان کي پنهنجي اولاد کي موٽائي به ڏيڻو آهي. هِي هڪ اهڙو سماجي قرض آهي، جيڪو فرض جيان اسان سڀني کي چُڪتو ڪرڻو آهي. اِنهيءَ سکيا واري عمل کي اڳتي وڌائڻو آهي ۽ اهڙيءَ طرح جڳ جو ڪار وهنوار اڳتي وڌڻو آهي. سوالن وارو هِي سلسلو هلندو رهندو، هِي سکڻ سيکارڻ جو ڪم جاري رهندو، وقت گذرندو رهندو، پر ڏي وٺ وارو اهو جهانُ جيئندو رهندو، ڦيٿو ڦرندو رهندو...! سوچَ- سفر جو محور ساڳيو، جيون- منظر مٽبو رهندو! اهڙن ضروري سوالن جي جوابن لاءِ شعوري طور ڪوشش ڪئي وئي ته ڪو تحريري موادُ هجي، جنهن سان ٻارڙن جي ذهن ۾ اُڀرندڙ بنيادي سوالن جا جوابَ سنڌيءَ ۾ سهيڙجن. روزاني وهنواري ڪمن، وقت ۽ حالتن جي ڦير گهير، ترت نتيجو ڏيندڙ سائنسي عملن، سج- چنڊ، ڏينهن رات جي چڪرن، رنگن، عڪسن، اهڃاڻن کي انتهائي سولو ڪري ٻارڙن جي سطح تي ويهي پنهنجي پيارن گلن جهڙن ٻارڙن کي مفيد معلومات پهچائيندي، باخبر بڻايو وڃي، جيئن هو ابن، امڙين، اَدن ۽ ڀينرن کان گهڻي پڇ پُڇان کان پاسو ڪن ۽ سندن وڏڙا وري ڪنهن ڪتاب وسيلي اهڙن ذهين، سائنسي جُڳ جي ٻارڙن کي تفصيلي آگاهي ڏيندي، معلومات رسائين. رات جي پهرئين پهر ۾ سمهڻ کان اڳ جنن، پرين ۽ سپر مئن جي قصن بجاءِ هن ڪتاب جي مختصر مضمونن مان سچائيءَ وارا سائنسي نقطا نروار ڪن. باخبر ٻارَ کي وڌيڪ ذهين ۽ مقابلي واري جهان ۾ پاڻڀرو ڪرڻ جو عملي فرض بجا آڻين. عام مضمونن کي مختصر، پر معلوماتي بڻائڻ ۽ ڏکئي لفظي ترجمي بدران سادن سلوڻن لفظن جي استعمال سان گڏ واسطيدار مواد َ جي مناسبت سان تصويري عڪسَ يا اسڪيچَ، مضمونَ سان گڏ رکڻ سان معنيٰ ۽ مفهومُ وڌيڪ آسان ۽ ٻارڙن لاءِ دلچسپ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اُميد ته هيءَ محنت به منهنجن اڳين ڇپيل ڪتابن وانگر مڃتا ۽ محبت ماڻيندي. پيارا ٻارڙا هي ڪتابُ به بيحد پسند ڪندا ۽ هِي علم پرائڻ ۽ علم پکيڙڻ وارو سلسلو هلندو رهندو. آءٌ تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن ۽ سنجيدگيءَ سان علمِي شعارُ پکيڙيندڙ اسڪالر، اڪابر ادي ڊاڪٽر فهميده حُسين جو، جنهن ٻارن لاءِ سائنسي موادُ ترجمي ڪرڻ ۽ ترتيب ڏيڻ لاءِ بيحد همٿايو ۽ ٻارن لاءِ سائنسي ڪتابن ڇپائڻ لاءِ سدائين مددگار رهيون. سنڌي ٻوليءَ جي جاکوڙي خدمتگار، محنتي محقق ۽ هن اداري جي سيڪريٽري سائين تاج جويي جا به وڏا وَڙ، جيڪو منهنجي ٽڙيل پکڙيل ڪاڳرن کي ڪتابي صورت ڏيڻ ۽ سهڻي نموني سنواري سجائي پڙهندڙن تائين پهچائڻ ۾ مون کان وڌيڪ پُرجوش نظر آيو. ان کانسواءِ مهربانيون اداري جي دلبر دوستن، خالد آزاد وگهيي، خان محمد جروار، احسان لغاري، تولارام سميت سمورن سهڪاري سڄڻن جون، جيڪي هن ڪتاب آڻڻ ۾ ڪنهن نه ڪنهن مرحلي ۾ منهنجا مددگار رهيا. قربداري ۽ قدردانيءَ لاءِ وڏي مهرباني! قربَ- وارن جي قدرداني، محبتون دوستن جون، مهرباني! qazimanzarhayat@gmail.com qazimanzarhayat@yahoo.com قاضي منظر حيات حيدرآباد فيبروري 26، 2011ع