سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (608) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18408   ڀيرا پڙهيو ويو

سامونڊي طوفان ڇو ٿا اچن؟


سمنڊ ۾ جڏهن وڏيون وڏيون طوفاني لهرون اُٿن ٿيون ته پَري پري تائين اُٿل پُٿل پيدا ٿي پوي ٿي ۽ نقصان جو خطرو وَڌي وڃي ٿو، جنهن ڪري ٻَيڙيون، هُوڙا ۽ بحري جهازَ ڪناري تي لنگرانداز ڪيا وڃن ٿا. سامونڊي طوفانن جو بنيادي سَبب زلزلا آهن، جڏهن ته چنڊَ ۽ سج جي ڪَشش به هڪ ڪارڻ آهي پر پوءِ به جڏهن زمين تي زلزلو اچي ٿو ته زمين ڪَنبي وڃي ٿي. اوهان کي اِهو معلوم هئڻ گهرجي ته زلزلا فقط ڌرتيءَ تي نٿا اچن پر سمنڊ اندر به زلزلا اچن ٿا. انهيءَ ڪري زمين ۽ سمنڊ هر پل زلزلن سبب ٿيندڙ تباهين جي وَڪڙ ۾ رهندا آهن. خبر ناهي ڪڏهن ۽ ڪهڙو زلزلي جو شديد لوڏو آڪاش منڊل جي ھن قدرتي گرهه/ سَياري (زمين) جي تباهي ۽ بَربادي جو سبب بڻجي! سمنڊ ۾ جڏهن هيٺين سطح جو زلزلو پيدا ٿئي ٿو ته زبردست لهرون اٿن ٿيون، جيڪي پَري سمنڊ ۾ ست سو سَٺِ ڪلوميٽر في ڪلاڪَ جي رفتار سان ڪناري طرف ڊوڙن ٿيون. اُن وقت طوفاني لهرن جي اوچائي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ميٽر تائين هوندي آهي. ماهرن اِهو تجربو ڪيو آهي ته سمنڊ جي اونهي پاڻيءَ ۾ لهرون گهڻو اوچائيءَ ۾ نٿيون اُٿن، جيترو گهٽ اونهي سامونڊي پاڻيءَ ۾ اٿن ٿيون. اُنهن اِهو به معلوم ڪيو ته زمين جي اونهن تَهن کان سمنڊ جي سطح جو مفاصلو لڳ ڀڳ چوويهن ڪلوميٽرن تائين هوندو آهي ۽ جڏهن ڪنهن زلزلي سان سمنڊ جي تهن ۾ ڦير گهير اچي ٿي ته لهرون پيدا ٿين ٿيون، پر انهن لهرن کي سامونڊي سطح تائين رَسڻ ۾ گهڻو وقت گهربل آهي، انڪري جڏهن اِهي ئي لهرون ڪناري ڀَر گهٽ اونهي پاڻيءَ ۾ وڃن ٿيون ته جيتوڻيڪ انهن جي تيزيءَ ۾ ماٺارَ اچي وڃي ٿي پر تقريبن چوويهه ڪلوميٽر پاڻيءَ جو ٿُلهو تَهُه هڪدم مَٿي اُٿي ٿو ۽ ڪناري طرف ڪاهي ٿو پوي. سامونڊي زلزلن جو اندازو لڳائڻ لاءِ پئسفڪ سمنڊ (بحر الڪاهل) ۾ ڪٿي ڪٿي اهڙيون سائنسي مشينون به لڳايون ويون آهن، جيڪي زلزلي کي ماپڻ جو ڪم ڏين ٿيون. ان کانسواءِ هڪ وڏو فائدو اِهو به آهي ته اهي وقت کان اڳ سمنڊ ۾ اٿندڙ طوفاني لھرن جو اطلاع ڏينديون آھن ، جنھن سان ايندڙ طوفانن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ حفاظتي اپاءَ ورتا ويندا آهن. هي مشينون زلزلي سان پيدا ٿيندڙ گجندڙ آواز کي به پنهنجو پاڻ محفوظ ڪري وٺن ٿيون. ان آواز جي رفتار گهٽ ۾ گهٽ چار سو اسي ڪلوميٽر في منٽ تائين هوندي آهي، جيڪو زمين يا سمنڊ جي تهه اندر ڏاڍي تيز رفتاريءَ سان هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچي ٿو. 