سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (608) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18392   ڀيرا پڙهيو ويو

مڇيون اونهي پاڻيءَ ۾


هڪ يقيني رڪارڊ موجب وڌ ۾ وڌ پاڻيءَ جي اونهائي ، جتان مڇيون ماريون ويون آهن، ڇهه هزار ميٽر معنى 19 هزار فٽن کان وڌيڪ آهي. سامونڊي ٻيٽن جي ميڙ فلپائن جي هڪ ٻيٽ منڊو جي ويجهو گهڻي اونهائي آهي، جيڪا ماپ موجب 31600 فٽ بيهندي. گهڻو ممڪن آهي ته انهيءَ اونهائي يا گهرائيءَ مان به ڪنهن ڏينهن ڪا مڇي ملي وڃي. سامونڊي اونهائي لاءِ هڪ ٻي ٻُڌائڻ جهڙي ڳالهه اِها به آهي ته اُتي روشني بلڪل نٿي پهچي. تقريباً 2800 فٽن تائين عام روشني غائب ٿي وڃي ٿي. اوهان سوچيندا هوندا ته سامونڊي مخلوق پنهنجي کاڌ خوراڪ ڳولڻ کان سواءِ پنهنجو گذر سفر ڪيئن ٿي ڪري. قدرت ان جو به جوڳو انتظام ڪيو آهي. لڳ ڀڳ ڏهه سيڪڙو مڇين ۾ روشني پيدا ڪرڻ جي سَگههَ رکيل آهي. روشني پيدا ڪندڙ عضوا ماپَ ۽ صلاحيت جي لحاظ کان، هڪٻئي کان مختلف ٿين ٿا. ڪجهه مڇيون چمڪنديون آهن ۽ ڪي تيز روشني پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ اهڙا عضوا به رکن ٿيون جيڪي اپٽيل بلورن جو ڪم ڏين ٿا. اهي روشنيءَ جي عڪس کي قبول ڪندي ضرورت آهر ان کي ختم به ڪري سگهن ٿا. روشني پيدا ڪندڙ عضوا ننڍن کُٻَن ۾ موجود هوندا آهن، جن مٿان شفاف جِهلي هوندي آهي. هيٺ ڪارو يا ڳاڙهو رنگ ٿئي ٿو جنهن تي روشني جو عڪس جَهٽيندڙ رَڳون وڇايل هونديون آهن. انهن رڳن تي روشني قبول ڪندڙ گهَرڙا هوندا آهن جن تي هڪ شيشو (lens) لڳل هوندو آهي، جيڪو سموري روشنائيءَ کي جمع ڪري ڪنهن به پاسي اڇلائي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح اونهي پاڻيءَ ۾ مڇيون پنهنجي لاءِ کاڌ خوراڪ ڳولي سگهنديون آهن.