سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18448   ڀيرا پڙهيو ويو

ڪئميرا


ننڍڙا ساٿيو! اوهان مان گهڻن وٽ پاڻ يا سندن دوستن وٽ پنهنجي ڪئميرا ضرور هوندي ۽ اوهان مان ڪيترا ئي فوٽو گرافيءَ جا شوقين به هوندا. من موهڻن منظرن، تاريخي عمارتن ۽ سرسبز جڳهن تي سٺا ڪپڙا پهري تصويرون ڪڍرائڻ لاءِ اوهان سڀني جي دل ته چاهيندي هوندي! چڱو ڀلا ڇو نه اڄ ڪئميرا بابت معلومات حاصل ڪجي؟ لفظ ’ڪئميرا‘ هڪ اطالوي اصطلاح تان ورتو ويو آهي، جنهن جي معنى آهي (اونداهو ڪمرو) هي اونداهو ڪمرو اُن وقت ڪتب آندو ويندو هو، جنهن زماني ۾ فوٽو گرافيءَ جو نالو نشان به ڪونه هو. ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ جڏهن ميلا لڳندا هئا ته هڪ تماشو اهو به ٿيندو هيو ته ڪنهن ڪُنڊ ۾ هڪ اهڙو ننڍو تنبو لڳايو ويندو هو، جنهن جي ڇِت ۾ هڪ ٽُنگ ٿيل هوندو هو. انهيءَ ۾ هڪ لينس لڳائبو هو ته جيئن اهو آسپاس جي ڪرڻن کي گڏ ڪري هيٺ اڇلائيندو رهي. ان تنبوءَ جي بلڪل وچ ۾ هڪ ميز رکي ويندي هئي، جنهن تي هڪ اڇو پَنو چنبڙايو ويندو هو ۽ انهيءَ پَني تي هڪ آئينو لڳل هوندو هو. لينس مان گذري جيڪي ڪرڻا تنبوءَ اندر داخل ٿيندا هئا، اُهي اُن آئيني وسيلي ميز تي انهن سمورن نظارن جو هڪ عڪس پيدا ڪندا هئا، جيڪي ميدان ۾ پيا ٿيندا هئا، مثال طور: پينگها، چؤڏولَ، موت جا کوههَ، ناٽڪ وغيره. ماڻهو ٽڪيٽ وٺي تنبوءَ اندر اچي اهڙي عجيب، دلچسپ ۽ انوکي ايجاد مان پوري طرح لطف اندوز ٿيندي هڪ هنڌ بيهي سڄي ميلي جو لقاءُ ڏسي وٺندا هئا. ظاهر آهي ته هن قسمَ جا خيالَ ان وقت عام ٿيا هوندا، جڏهن انسانَ شيشي کان ڪم وٺڻ جي ڄاڻ حاصل ڪري ورتي هوندي. اهڙي طرح آهستي آهستي بهتر قسم جا لينس تيار ٿيڻ لڳا هوندا. ٻارو، اوهان ڏٺو هوندو ته جيڪڏهن ڪنهن اونداهين ڪوٺيءَ يا تنبوءَ ۾ ڪنهن ننڍڙي ٽُنگڙي مان روشنيءَ جا ڪجهه ڪِرڻا اندر اچن ٿا ته اهي سامهون ڀِتِ تي انهن سوراخن جو عڪس جوڙي ٿا ڇڏين. انهيءَ اصول موجب هڪ اهڙي ريت تجربو اِهو ڪيو ويو ته هڪ دَٻي کي اندران ڪارو ڪري ان جي هڪ پاسي ٽُنگُ ڪيو ويو، جنهن مان روشني اندر داخل ٿيندي هئي پر بعد ۾ اِها نواڻ آندي وئي ته اِن ٽنگ واري جاءِ تي هڪ ننڍڙو لينس ۽ ٻئي پاسي شيشي جو هڪ ننڍڙو ٽڪر لڳايو ويو. روشني لينس اندر داخل ٿي پنهنجي آسپاس جي شين جو عڪس انهيءَ شيشي جي ٽُڪرَ تي وجهي ڇڏيندي هئي. انهيءَ کي پهرين ڪيميرا چئي سگهجي ٿو. هيءَ ڪئميرا 1670ع ۾ رابرٽ بوائل نالي هڪ شخص ايجاد ڪئي، جيڪا ترقيءَ جون منزلون ماڻيندي ياشيڪا روليڪس جهڙين قيمتي ڪئميرائن جي صورت اختيار ڪري ورتي. جاپان جيڪو هاڻوڪي دور جو هڪ انتهائي ترقي ماڻيندڙ ملڪ آهي ۽ پنهنجي مختلف جوڙيل شين ۾ دنيا جي سڀني ملڪن ۾ پهريون نمبر آهي، ان جديد دور ۾ هڪ اهڙي ڪئميرا تيار ڪئي آهي، جيڪا هڪ سيڪنڊ ۾ ڏهه لکين حصي جي تصوير کي به صاف طور تي پنهنجي اندر محفوظ ڪري وٺي ٿي. ٻارو! سڀ کان پهرين ڪامياب تصويرَ 1822ع ۾ هڪ فرانسيسي ڪئميرا مئن ڪڍي هئي، جنهن جو نالو جي. اين. نيپس (J.N.NEPOS) هو. ان کانسواءِ فوٽوگرافيءَ جي تاريخ ۾ هڪ آمريڪي سائنسدان جارج-ايسٽ مئن جو نالو به سدا ياد رهندو، هي اهڙو ڏاهو شخص هو، جنهن جڳ مشهور ڪوڊڪ (KODAK) ڪمپنيءَ جو بُنياد وڌو. اڄ به اها ڪمپني پنهنجي نالي جي پاڻ ضمانت سمجهي ويندي آهي ۽ ان جا رولَ سڄي دنيا ۾ اعلى ۽ معياري سمجهيا ويندا آهن. ان کان پوءِ هاڻي ڊجيٽل ڪئمرائن جو پڻ رواج آهي.