سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18426   ڀيرا پڙهيو ويو

زمين تي طوفان


زمينَ جا جيترا به حصا آهن، اُنهن سڀني جي گرميءَ جو درجو هڪٻئي کان مختلف ٿيندو آهي. جڏهن انهيءَ گرمي-درجي ۾ تمام گهڻو تفاوت يا تضاد هوندو آهي ته هوائون گهُلنديون آهن، جنهن جاءِ تي گرمي يا حرارتي درجو وڌي ويندو آهي ته اتان جي هوا هلڪي بڻجي مٿئين طرف اُڏامندي آهي، ۽ نتيجي ۾ هيٺ هڪ خالُ پيدا ٿِي پوندو آهي. اهڙي خالَ کي ڀَرڻ لاءِ پاسن جون هوائون تيز رفتاريءَ سان ان خلا ۾ داخل ٿي وينديون آهن. هيءُ عمل ايترو تڪڙو ٿئي ٿو، جو اسان هڪدم چوندا آهيون ته آنڌي اچي وئي! گرمي درجي ۾ جيترو وڌيڪ فرق هوندو، طوفان يا آنڌيءَ جو زَورُ (شدت) به اوترو ئي گهڻو تيز هوندو. هيءُ جو هر روز اسان طوفان ۽ تيز هوائون لڳندي ڏسون ٿا يا ٻين ملڪن ۾ تيز طوفانن جي تباهين جون خبرون ٻُڌون ٿا، اهي سڀ مٿي ٻُڌايل عمل جو نتيجو آهن. 