سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18435   ڀيرا پڙهيو ويو

راڊار Radar


راڊار هڪ اهڙي ڪارائتي سائسني ايجاد آهي، جيڪا ڪنهن ملڪ جي بچاءَ لاءِ تمام گهڻو ڪم ايندي آهي. گذريل مهاڀاري لڙائي ۾ هوائي جهازن ۽ آبدوزن جي ويڙهه راڊار جي مدد سان ئي کٽي وئي هئي. هوائي جهاز راڊار وسيلي سفر ڪن ٿا، ان جي مدد سان ايندڙ طوفان، برسات يا خراب موسم جي هنڌ جي خبر لڳائي جهاز جي اڏامَ يا بَحري سفر جو رخ تبديل ڪيو ويندو آهي، هوائي اَڏن ۾ راڊار کي استعمال ڪرڻ وارو انسان ايندڙ جهاز بابت اڳواٽ معلومات هٿ ڪري وٺي ٿو ۽ ايئرپورٽ تان انهيءَ اڏام جي رونمائي ڪندي ان کي لهڻ لاءِ مناسب جڳهه ٻڌائي ٿو. اهڙيءَ ريت پاڻيءَ وارا جهاز ٻين بحري جهازن جي ڪيفيت معلوم ڪري سگهن ٿا. انهيءَ اوزار وسيلي ڪنهن گونجار پيدا ڪندڙ شيءِ جي واسطيدار جاءِ جي به آسانيءَ سان خبر پئجي سگهي ٿي. جيئن عام طرح جنگ جي زماني ۾ مختلف جڳهن تي بم وڏا ڌماڪا ڪندا آهن ته انهن جو هنڌ به راڊار ذريعي معلوم ڪري سگهجي ٿو. تجربي طور جڏهن سائسندان برقي لهرن (Electric waver) جو رخ چنڊ طرف ڪيو ته ڪجهه سيڪنڊن بعد انهيءَ قسم جون لهرون چنڊ تان واپس اچڻ لڳيون. جيئن ته برقي لهرن ۾ اها خوبي آهي ته اهي پنهنجو سفر سِڌائي ۾ ڪن ٿيون ۽ انهن جي رفتار (speed) به روشنيءَ جي رفتار جيتري ٿيندي آهي. تنهنڪري ڪنهن شيءِ جو رخ يا مفاصلو ان جي ڏسڻ واري کان ڪھڙو ۽ ڪيترو آھي ، ان جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو . اهڙي طرح راڊار وسيلي وڻن، جبلن، ريگستانن ۽ خوفناڪ سمنڊن بابت به معلومات هٿ ڪئي ويندي آهي. دشمن جو جهاز اسان جي دفاعي جاين، شهري آبادين يا مورچن کان ڪهڙي پاسي ۽ ڪيتري مفاصلي تي آهي، راڊار انھيءَ هر شيءِ کان باخبر بَڻائي ٿو.