سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18420   ڀيرا پڙهيو ويو

اڳواٽ موسم جي معلومات


ٻارو! هن کان اڳ ۾ اوهان کي بيروميٽر بابت ٻڌائي آيا آهيون. انهيءَ کان هڪ کان وڌيڪ ڪم ورتا ويندا آهن. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته بيروميٽر هڪ اهڙو اوزار آهي، جنهن جي مدد سان اسان ايندڙ موسمن جو اندازو به سٺي نموني لڳائي سگهون ٿا. هي اوزار موسمن جي مَٽاسَٽا سان گڏ گڏ پاڻ به مَٽبو رهندو آهي. موسمياتي سائنس جو بنيادي اصول هِي آهي ته گهميل هوا، خشڪ هوا جي مقابلي ۾ هلڪڙي هئڻ ڪري گهٽ دٻاءُ وجهي ٿي، جڏهن بيروميٽر جو پَارو مٿئين درجي (Maximum degree) تي پهتل هجي ته انهيءَ جو مطلب هِي ورتو ويندو آهي ته هوا ۾ گهِم گهڻي گهٽ آهي، تنهنڪري برسات پوڻ جو امڪان به گهٽ آهي ۽ آسمان خاص طور تي صاف سُٿرو رهندو. (هي جملو اسان روزانو ٽيلي ويزن ۽ ريڊيو جي موسمي خبرن ۾ ٻُڌندا آهيون، جيڪو موسميات کاتي پاران ملندڙ معلومات مطابق ٻڌايو وڃي ٿو) پر جڏهن بيروميٽر ۾ پارو ڪِري انتهائي هيٺين درجي (Minimum degree) تي اچي ويندو ته مطلب اِهو ورتو ويندو ته هوا ۾ گهِم يا پاڻياٺ تمام گهڻي آهي، تنهنڪري برسات پوڻ جو امڪان گهڻو آهي. موسمي ماهرَ مختلف هنڌن جي هوا جي دٻاءُ ۽ حرارت وغيره جي معلومات وسيلي ڏاڍي پَڪَ سان ٻڌائيندي اِهو چئي سگهن ٿا ته ايندڙ موسم ڪهڙي قسم جي هوندي. بيروميٽر جو پارو جيڪڏهن ڪِري رهيو هجي ته هيءَ نشاندهي به ڪندو آهي ته ايندڙ گهڙين ۾ زورائتي برسات پوندي يا تيز طوفان ايندو.