سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18421   ڀيرا پڙهيو ويو

انڊلٺ


اوهان گهڻي ڀاڱي ڏٺو هوندو ته برسات بند ٿيڻ کان پوءِ اُڀَ جي نيري چادر تي بيضوي شڪل جو هڪ خوبصورت رنگا رنگي اڌ گولُ جُڙي پوي ٿو. انهيءَ رنگين اڌ گولَ کي اسان عام طور ’انڊلٺ‘ ڪوٺيون ٿا. گهڻو ڪري ننڍڙا ٻارَ رنگَ ڏسڻ بعد خوشيءَ مان ٽپا ڏيندي رڙيون گوڙ ڪندي چوندا آهن: “اوهو... ڏسو..... گُڏي گُڏيءَ جي پينگههَ...” پر اسان مان ڪڏهن ڪنهن اهو سوچيو به ڪونهي ته هيءَ انڊلٺ صرف ديدَ جو دوکو آهي، جيڪو ان وقت پيدا ٿئي ٿو، جڏهن چمڪندڙ سجَ جا تيز ڪرڻا پاڻيءَ جي ننڍڙن ڦُڙن مان گذرن ٿا. انڊلٺ جو نظارو ڏسڻ وقت اِها ڳالهه ضروري آهي ته اسان جي پُٺيءَ پويان سج چمڪندو هجي ۽ اسين سج ۽ پاڻيءَ جي ڦُڙن وچ ۾ بيٺا هجون. اِن لاءِ اِهو به ضروري آهي ته ان وقت سج آسمانَ تي ڪجهه هيٺ هجي، ڇو ته سج جو صفا مٿان هئڻ ضروري ناهي. جڏهن اِهي سڀئي شرط پورا ٿين ته خوبصورت شڪل ۾ انڊلٺ اسان جي آڏو ظاهر ٿي پوي، جنهن جي صورت اڌ گولَ وانگر هوندي آهي. هاڻي اوهان اِهو سوچيندؤ ۽ پُڇندؤ ته اِن ۾ ايترا مَن موهيندڙ ۽ پيارا پيارا رنگَ ڪٿان ٿا اچن؟ ٻارو سائنسدانن تحرين وسيلي معلوم ڪيو آهي ته روشني ستن رنگن جي ٺهيل هوندي آهي. جڏهن ٽن ڪنڊن ۽ پنجن پاسن واري شيشي يعني منشور يا پرزم مان معمولي سفيد روشنيءَ جو گُذر ٿيندو آهي ته اها ٽُٽي سَتن رنگن ۾ ورهائجي ويندي آهي. هڪ طرف ڳاڙهو رنگُ ٿئي ته ٻئي پاسي واڱڻائي. اِنهيءَ اُصولَ موجب ئي پاڻيءَ جا ننڍا ننڍا ڦُڙا انڊلٺ جوڙين ٿا. جڏهن اُس جو ڪِرڻو ڪنهن ڦُڙي ۾ داخل ٿئي ٿو ته اهو اُن طرف موٽي ٿو. انهيءَ روشنيءَ جو ڪجهه حصو ڦُڙي جي پوئين حصي کان عڪس جوڙي اوهان طرف موٽي اچي ٿو، پر مختلف رنگن جا شعاعَ پاسن تي ڪي عَڪس ٺاهين ٿا. جيڪڏهن اوهان پنهنجو پورو ڌيانُ هڪ ئي ڦُڙي تي لڳائيندؤ، مثلاً اهڙو ڦُڙو، جيڪو انڊلٺ جي مٿئين حصي تي موجود آهي ته اوهان کي صرف هڪ رنگ ئي ڏسڻ ۾ ايندو، باقي اوهان بلڪل نه ڏسي سگهندؤ. واڱڻائي رنگ ڏسڻ لاءِ اوهان کي ٿورڙو هيٺان واري ڦُڙي تي نظر رکڻي پوندي. انهيءَ ڪري ئي انڊلٺ جي مٿئين حصي تي ڳاڙهو رنگ ٿئي ٿو ۽ هيٺئين حصي تي واڱڻائي ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ باقي ٻيا سمورا خوبصورت رنگَ (نارنگي، پيلو، سائو، اڇو، نيرو) نظر اچن ٿا. انڊلٺ اوهان کي اڌ گول جي شڪل ۾ ان ڪري نظر ٿي اچي ته ان جي وچ ۾ ڌرتيءَ جو گولو اچي ٿو، جيڪو سج جي شعاعن کي روڪي ٿو ڇڏي، پر اسان جيڪڏهن ڪنهن هوائي جهاز يا هيلي ڪاپٽر تي مٿي اُڏماندا هجون ته ممڪن آهي انڊلٺ کي پوري گول جي صورت ۾ ڏسي سگهون، پر اها عجب جهڙي ڳالهه ٿيندي جڏهن ته ان جي وچ ۾ اسان واري جهازَ جو پاڇو نظر اچي. 