سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18414   ڀيرا پڙهيو ويو

نائلون


نائيلون هِن دؤر جي هڪ اهم ايجاد آهي ۽ اڄڪلهه ايتري ته اهميت اختيار ڪري چُڪي آهي جو زندگيءَ جي هرهڪ شعبي ۾ ان جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي. اوهان ڏسو ٿا ته ڪپڙا، رانديڪا، واچون، مشينن جا پرزا، ٿانوَ، ساڙهيون، جوراب ۽ ٿيلهيون سڀ نائيلون مان ئي تيار ڪيون وڃن ٿيون. نائيلون جيڪا هر شيءِ جوڙڻ لاءِ ڪم اچي ٿي سا پاڻ ڪهڙيءَ شيءِ مان ٺهي آهي؟ اِن جواب ۾ اهو ٻڌائڻو آهي ته نائيلون پاڻ هڪ هٿرادو ڌاڳو آهي، جيڪو مختلف ڪيميائي جُزن مان ٺاهيو وڃي ٿو. 23 جنوري 1941ع تي برٽش نائيلون اسپرس ليميٽيڊ (جيڪا هڪ برطانوي ڪمپني هئي) نائيلون جو سڀ کان پهريون ڌاڳو تيار ڪيو. اهو جنگ جو زمانو هو، تنهنڪري انهن سوچيو، ڇو نه اهڙو سامان تيار ڪيو وڃي جيڪو جنگ ۾ فوج جي ڪم اچي سگهي. جيئن انهن پيراشوٽ، ٿُلهيون ۽ سَنھيون ڏوريون ۽ ڪيترن قسمن جون رَسيون بڻائي جنگ ۾ ڪتب آنديون، جيڪي سندن مقصد ۾ حد کان وڌيڪ ڪارائتيون ثابت ٿيون. انهن تجربن کانپوءِ گهڻيون ئي ٻيون شيون تيار ٿيڻ لڳيون ۽ آهستي آهستي عام ٿينديون ويون. عوامُ ڏاڍي چاهه سان انهن کي مختلف ڪمن ۾ ڪتب آڻڻ لڳو. ڪوئلا، هوا ۽ پاڻي اُهي خاص جزا آهن جن مان نائيلون حاصل ڪئي وڃي ٿي. ڪوئلي مان فنول يا تيرين، هوا مان آڪسيجن ۽ نائٽروجن، پاڻيءَ مان هائيڊروجن حاصل ڪري استعمال هيٺ آڻجن ٿيون. انهن بنيادي جُزن مان صابڻ جي ٽُڪرن جهڙي صورت واري نائيلون حاصل ٿئي ٿي. جڏهن انهن ذرڙن کي هڪ گرم ڪپڙي مان گذارجي ٿو ته اها پَگهرجي وڃي ٿي ۽ اهو پَگهريل مادو هڪ اهڙي نلڪيءَ مان گذاريو وڃي ٿو، جنهن جي مُنهن تي هڪ تمام سنهي ڇاڻي لڳل هوندي آهي. ان ڇاڻيءَ جي سوراخن مان نائيلون جا سنها ڌاڳا نڪرن ٿا. ٻاهرين هوا جڏهن انهن نرم نازڪ ڌاڳن کي ڇُهي ٿي ته هڪدم ٿڌا ٿي ڄمي نَهري صورت اختيار ڪري ٿا وٺن. ٻاڦ وسيلي انهن ڌاڳن کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي ٿو انهن ڌاڳن کي نڙانڊين يا ريلن تي ويڙهيو ويندو آهي ۽ تنهن کانپوءِ انهن کي مختلف شين ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. نائيلون هڪ فائديمند شيءِ آهي ۽ انهيءَ مان جُڙيل شيون ڏاڍيون مضبوط هونديون آهن. هي لَچڪدار به ٿئي ۽ اُن کي اِستريءَ جي به ڪا ضرورت نٿي پوي. ڪِيڙا ماڪوڙا ۽ ننڍڙا جيوڙا به هن تي اثر نٿا ڏيکارن. هن جي هڪ خوبي اِها به آهي ته هيءَ نه وڌي ٿي ۽ نه وري سُسي سوڙهي ٿئي!