سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (608) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18409   ڀيرا پڙهيو ويو

جبل ڪيئن جڙيا


اِها اٽڪل اڍائي هزار سال اڳ جي ڳالهه آهي، جو يونان جي هڪ ٽَڪريءَ تي هڪ فلسفيءَ جنهن جو نالو زينو فانيز هو، سير تفريح وقت جيئن ئي هڪ پٿر کي ڏٺو ۽ ان کي کنيو ته کيس محسوس ٿيو ته ڄڻ اهو ڪنهن سامونڊي جانور جي خولَ، هَڏي يا ڪوڏَ مان ٺهيل آهي. سندس حيرت جي حد نه رهي، ڇو جو هُن اهڙي شيءِ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ئي ڏِٺي هئي. هو سوچڻ لڳو ته اِهي هَڏا هِن ٽڪريءَ تي ڀلا ڪيئن آيا؟ هو گهڻي دير تائين اُڀ ڏانهن نهاريندو سوچيندو رهيو ته آخر هِي رازُ ڪيئن معلوم ٿي سگهي ٿو! زينو فانيز گهڻي سوچ ويچارَ کانپوءِ انهيءَ نتيجي تي پهتو ته جبلَ جي هيءَ چوٽِي ضرور ڪنهن نه ڪنهن جُڳَ ۾ سمنڊَ جي اندر هوندي. اتان واپس اچي جڏهن هِن سموري ڳالهه پنهنجي ساٿين کي ٻُڌائي ته سڀني وڏا ٽهڪ ڏئي کيس ٽوڪيو ۽ چَرچن جو نشانو بڻايو، ڄڻ هو ڪو چريو هجي يا سندس خيالُ بيوقوفن وارا هجن! هُنن کيس اِهو به چيو ته جيڪو جبل تون ڏسي آيو آهين، اهو تمام گهڻو پراڻو آهي، جنهن کي اسان جا ابا ڏاڏا هڪ ڊگهي عرصي کان ايئن ئي ڏِسندا پيا اچن. اهو جيئن جو تيئن بيٺل آهي، اُن ۾ اسان ڪڏهن به ڪا ڦيرَ گهيرَ ٿيندي نه ڏٺي آهي ۽ نه وري ٻُڌي آهي. ٻارو! ٿيو هيئن ته سائنسدان ان تي تحقيق ڪندا رهيا ۽ هاڻ وڃي سائنسدانَ نئين تحقيق بعد انهيءَ ڳالهه تي سهمت ٿيا آهن ته زينو فانيز جيڪو ڪجهه چيو هو، سو بلڪل درست هو ته اهو جبل جنهن جي چوٽيءَ تي هن کي هَڏن يا ڪوڏن جهڙا پٿر مليا هئا، سو اصل ۾ جبل نه هو، بلڪ اڳئين زماني ۾ انهن اوچين ۽ مٿانهين ٽَڪرين جي جاءِ تي وشال سمنڊ ڇوليون هڻندو هو. اسان جي سائنسدانن تجربا ڪري انهن پٿرن (جن مان جَبَلَ جُڙن ٿا) کي ڏاڍي غورَ سان ڏِٺو ۽ نتيجو اِهو ڪَڍيو ته انهن مان ڪوبه جبل هن وقت پنهنجي هاڻوڪي شڪل صورت ۾ ڪونه هو. جڏهن سڀ کان پهريائين ڌرتيءَ جي مٿاڇري هڪ سخت کَلَ جهڙو روپ ورتو ته انهيءَ تي ڪا بلندي هڪ وقت ۾ ڪنهن هڪ طريقي سان قائم ٿي ۽ ٻئي وقت ۾ ٻئي نموني سان، جنهن آخرڪار جبلن جي شڪل حاصل ڪري ورتي. اُن ڪري اُنهن جي عُمرين ۾ به وڏو فرق ملي ٿو. ڪجهه اوائلي جبلن جي عمر ته هزارن سالن تي ڦهليل آهي. چڱو، ٻارو! هاڻي دنيا جا ڪجهه مشهور جبلَ اوهان به ياد ڪري ڇڏيو: گوڊو آسٽن، ڪنچن جنگا، مڪالو، ڍولا گري، ايلبرس، نانگا پربت، ڪَلي منجارو، ارارات، مائونٽ بلانڪ، نندا ديوي، ڪامت، مينا ڪونڪا، ڪمونيسٽ پيڪ، مائونٽ لوگن، ساهاما، مائونٽ ايليس، ڪوههِ طُور، ڪوههِ قبيس، ڪوهه قاف، جبل جودي، مائونٽ ايورسٽ، هماليا، ڪي-ٽو، لهوٽسي، ڇو اويو، مناسلو، اناپورنا، ششا پگما وغيره. 