سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (608) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18405   ڀيرا پڙهيو ويو

ٻڌندڙ صوتي اک


’صوت‘ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنى آھي آوازُ ، صدا يا ٻُڌڻ. انگريزيءَ ۾ صوت جو ترجمو sound يا voice ٿيندو. انسان لاءِ اِها ڳالهه وڏي سوچ ويچار واري آهي ته پياري پالڻهارَ جيڪي به جسماني عضوا جوڙيا آهن، انهن مان ڪوبه بيڪارُ يا فضول نه آهي. بَدن جو هرهڪ عضوو هڪٻئي کان وڌيڪ ڪارائتو آهي، جيئن ڪَنَ ۽ اک کي ئي وَٺو. ڪَنَ جو ڪم فقط آواز ٻُڌڻ آهي. بدقسمتيءَ سان جيڪڏهن انسانُ ٻوڙو ٿي پوي ته اُن کي پنهنجي ڪم ڪرڻ ۾ ڪيتريون ئي تڪليفون ڏسڻيون پونديون! جڏهن ٻُڌڻ جي سَگهه کان محروم ماڻهو ٻين جي ڳالهه ٻُڌندو ۽ سمجهندو ئي نه ته ڀَلا ڪم ڪيئن ڪري سگهندو؟ ائين ئي اک جو ڪم صرف ڏِسڻ آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو انڌو هوندو ته شين ۾ فرق ڪيئن ڪندو؟ ان مان اهو ثابت ٿيو ته انساني جسم جو هرهڪ حصو وڏي خدائي نعمت آهي، جنهن کانسواءِ انسان اڻپورو ۽ لاچار آهي. چيو وڃي ٿو ته آڳاٽي زماني ۾ هڪ وڏو سائنسدان ٿي گذريو آهي، جنهن جو نالو ڊاڪٽر ڪليو فورڊ مارٽن (Dr. Clue ford Marton) هيو. مارٽن ڏاڍو همت وارو، ذهين ۽ جاکوڙي سوچ وارو هو، پر بدقسمتيءَ سان پنجن سالن جي عمر ۾ هو اکين جي نور کان محروم ٿي ويو. ڏسندي ڏسندي سندس روشن دنيا ڪاراٽجي وئي، پر وري قدرت جي اِها ڪاريگري به آهي ته جڏهن ڪنهن ساهواري کان ڪو هڪ عضوو کسي وٺندو آهي ته انهيءَ موٽَ ۾ کيس ڪانه ڪا ٻي خوبي ڏئي ڇڏيندو آهي، اهڙي طرح مارٽن جي ظاهري ديدَ ته ختم ٿي وئي پر وري کيس اندروني روشني عطا ڪئي وئي. ڪليو فورڊ پنهنجي نابين هئڻ جي باوجود بِي-اَي (B.A) تائين تعليم حاصل ڪئي ۽ پنهنجي لِڪل صلاحيتن کي اُجاگر ڪندي وڏين وڏين ڳُتيل مشينن جون حد کان وڌيڪ ڏُکيون ڊزائينون تيار ڪيون. ايستائين جو راڊار جهڙي ڪمائتي اوزارَ جي تياريءَ ۾ ڪليو فورڊ وڏو ڪم ڪيو. ان کانسواءِ سندس سڀ کان عاليشان ڪارنامو صوتي اَکِ يعني ڪَن سان ڏسندڙ اک، واري ايجاد آهي. هي عجيب اوزار ڏسڻ ۾ ته فائونٽين پين جهڙو هوندو آهي، جنهن سان گڏ هڪ سنهڙي تارَ لڳل ھوندي آھي . ان جو هڪڙو مُنڍ فوٽوسيل سان مليل هوندو آهي، انهيءَ فوٽوسيل سان گڏ هڪ ننڍڙو شيشو به لَڳل ٿئي ٿو. اهڙي اوزارَ وسيلي انسان کي آسانيءَ سان اوندهه ۽ روشنيءَ جو احساس ٿيندو آهي. اهڙي طرح اکين جي روشنيءَ کان محروم ماڻهو سولائيءَ سان اِهو ٻُڌائي سگهندا آهن ته گهر جن دريون ، دَرَ، روشندان ۽ ٻيا ڪمرا ڪهڙي ڪهڙي پاسي آهن يا اُهي بند آهن يا کُليل؟ ان کان سواءِ هو اهڙي قسم جي شين کي ڏاڍي سهولت سان پڙهي يا سمجهي سگهندا آهن. هڪ ڪيميائي تجربي وقت مختلف رنگن جي سڃاڻپ يا انهن ۾ فرق به ڄاڻي سگهن ٿا. ڊاڪٽر ڪليوفورڊ مارٽن پاڻ پنهنجي زندگيءَ ۾ رنگن جي فرق کي سمجهايو. اهڙي طرح ٻين ڪيترين شين جي طرفن جي به ڄاڻ ڏيندي هُن ٻُڌندڙ يا صوتي اک جي افاديت کي سُهڻي نموني سموري دنيا آڏو ظاهر ڪيو آهي.