سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18442   ڀيرا پڙهيو ويو

ٽيليويزن تي تصويرون


ٽيليويزن، وسيلي اسان پنهنجن گهَرن ۾ ويهي مختلف قسمن جا معلوماتي ۽ دلچسپ پروگرامَ سئنيما وانگر ئي ڏسندي دل وندرائيندا آهيون. ٻارو! ڇا ڪڏهن اوهان غور ڪيو آهي ته انهيءَ دٻي جهڙي شيءِ تي تصويرون ڪيئن ٿيون اچن؟ هيءُ مضمون پڙهڻ کانپوءِ اوهان کي پَتو پئجي ويندو ته تصويرون ٽيليويزن سيٽ تائين ڪهڙي عمل وسيلي رَسن ٿيون. اوهان کي ٽيليويزن سيٽ تي هڪ ئي وقت ۾ پروگرام پيش ڪندڙ ڪيترن ئي چئنلن مان صرف ڪنهن هڪ چئنل کي چونڊڻو پوندو آهي. انهيءَ چونڊَ جو دارومدار فقط هڪ ننڍڙي بٽڻ تي آهي. انهيءَ بٽڻ دٻائڻ پُٺيان جيڪو ڳُجهو عمل ٿئي ٿو، تنهن کي اسان انگريزيءَ ۾ resonant معنيٰ مطابقت/ پڙلاءُ چوندا آهيون. جيڪڏهن اسان هڪ ميز تي شيشي جا مختلف گلاسَ رکي، انهن کي هڪ ئي چمچي سان وَڄائڻ شروع ڪيون ته هر گلاسَ مان جُدا آوازُ نڪرندو، ڇو ته هر گلاس ۾ ڌار ڌار طريقي سان ارتعاش (لرزش) پيدا ٿيندو. انگريزيءَ ۾ اُن کي فريڪُوئنسي (frequency) چئبو آهي. ارتعاش بعد هرهڪ گلاس ۾ گونجار پيدا ٿيندي آهي. گونج ۽ فريڪُوئنسيءَ کي سمجهڻ لاءِ لڳ ڀڳ هڪ ميٽر ڊگهي ڏورِي کڻو ۽ ان جي هڪ ڇيڙي تي هڪ ننڍو وزن ٻَڌو. ڏوريءَ کي هڪ ڪوڪي وسيلي سڌو لڙڪائي ڇڏيو. هاڻي هڪ سادو لُڏڪڻو (Pendulum) تيار ٿي ويو، جنهن کي اوهان هَلڪي لوڏي سان حرڪت ڏئي سگهون ٿا. اوهان ڏسندؤ ته ان جي حرڪت جو وقفو ڊگهو هجي يا گهٽ، هڪ خاص وٿيءَ ۾ هيءُ لوڏو جيتري چُرپر ڪندو آهي، اهو ئي ان جي فريڪُوئنسي يا ارتعاشي انگُ سڏبو. جڏهن اهو حرڪت ۾ هجي ته آخر ۾ ان کي ٿورڙو ڇهندؤ ته اوهان ڏسندؤ ته ترت ئي ان جي حرڪت ۾ ٿورڙو وڌاءُ اچي ويندو. جيڪڏهن اوهان ان جي لوڏي ختم ٿيڻ کان پهريائين ڪنهن جاءِ تي ڇُهندؤ ته ان جي رفتار گهٽجي ويندي. پهرينءَ صورت ۾ اوهان جو ڇُهاءُ لوڏي جي حرڪت ۾ اضافي جو سبب ٿو بڻجي ۽ ٻيءَ صورت ۾ رنڊڪ يا ٽڪراءَ جو ڪارڻ. اوهان جي هٿن جي حرڪت پينڊوليم يا لُڏڪڻي لاءِ ان وقت ڪارآمد ثابت ٿي سگهي ٿي، جڏهن ان جو وقفو اهو ئي هجي، جيڪو پينڊوليم جي حرڪت جو وقفو- معنيٰ ٻنهي وقفن ۾ هڪجهڙائيءَ جو عمل موجود هجي. جيڪڏهن ٻهَ جسم ۽ انهن جي فريڪُوئنسي هڪجيتري هجي ۽ ان مان هڪ کي لوڏيو وڃي ته طاقت جو ڪجهه حصو ٻئي جسم ۾ پهچندي ان کي انهيءَ تعداد ۾ لوڏيندو. اهڙو تجربو کير جي ٻن شيشَن سان به ٿي سگهي ٿو. انهن جي شڪل ۽ بناوت هڪجهڙي هجي. هڪ بوتل ڪنهن دوست کي ڏيو ۽ کيس چئو ته بوتلَ جو مُنهن پنهنجي ڪَنَ جي ويجهو اهڙيءَ طرح رکي ته جيئن مُنهن بند نه ٿي وڃي. ٻيءَ کي اوهان پاڻ وٽ رکو ۽ ان ۾ زورَ سان ڦوڪَ ڏيو. بوتل ۾ پيدا ٿيندڙ آواز جو ڪجهه حصو قوت جي صورت ۾ ٻيءَ بوتل تائين رَسندو ۽ اها به پهرين بوتل جيان ارتعاش پيدا ڪندي ۽ اهڙو آواز پهرين بوتل جي نسبت گهٽ ضرور هوندو، پر اوهان جو دوست ان کي صاف طريقي سان ٻُڌي سگهندو. ريڊيو يا ٽيليويزن تي ڪيترن ئي پروگرامن مان اوهان پنهنجي پسند جا پروگرامَ فريڪُوئنسي جي مدد سان چونڊيو ٿا. جڏهن اوهان پنهنجي سيٽَ جو بٽڻ دٻايو ٿا ته اوهان جي ڪوشش هوندي آهي ته سيٽ جي فريڪُوئنسي گهربل چئنل جي فريڪُوئنسيءَ جهڙي هجي. جيڪڏهن ٽي-وي سيٽ ۽ گهربل ٽي-وي اسٽيشن جي وچ ۾ مڪمل طور هڪجهڙائي پيدا نه ٿي ٿئي ته اوهان کي ٽيليويزن اسڪرين تي هڪ وقت حرڪت ڪندڙ ڪيتريون ئي تصويرون نظر اينديون. 