سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18449   ڀيرا پڙهيو ويو

ريڊيو ڪيئن ڪم ڪري ٿو؟


ريڊيو بجليءَ ۽ سَيلن تي هلندڙ هڪ اهڙي حيرت ۾ وجهندڙ ايجاد آهي، جنهن وسيلي اسان سڄي جڳ جَهانَ جون تازيون خبرون، سُر سنگيت جا سُريلا پروگرام ۽ ٻيا سياسي تبصرا گهر ويٺي ٻُڌي سگهندا آهيون، معلومات ۽ تفريح جو هي ذريعو اسان جي زندگيءَ ۾ ايترو ته ڦهلجي ويو آهي جو هر گهر ۾ هڪ يا ٻه ريڊيا ضرور ملندا، غريب ماڻهو به هن سائنسي ايجاد مان فائدو وٺن ٿا ۽ دل وندرائين ٿا. ريڊيي جي ڪم ڪرڻ جو ننڍڙو نظام؛ ريڊيو اسٽيشن تان بجلي ۽ ايرئيل جي وسيلي آواز کي ايٿر ۾ موڪليو ويندو آهي، ايٿر هڪ هلڪي ۽ بي رنگ شيءِ آهي، جنهن کي هوا کان به هلڪو چيو وڃي ته غلط نه ٿيندو. اهو ايٿر ئي آهي جنهن چوڌاري سموري فضا کي گهيري ورتو آهي، ڄڻ ته اسان ايٿر جي هڪ سمنڊ اندر زندگي گهاري رهيا آهيون. هوا هڪ اهڙي شيءِ آهي جنهن کي اسان سولائي سان محسوس ڪري سگهون ٿا، اها گرم هلي ته گرم لڳندي، جي ٿڌي گهُلي ته ٿڌي محسوس ٿيندي پر ايٿر جي ڪيفيت کي بلڪل به محسوس نٿو ڪري سگهجي. ان مان فقط روشني، گرمي ۽ X-rays گذري سگهن ٿا. ان جي هڪ وڌيڪ خاصيت اها به آهي ته جيڪڏهن ان جي هڪ حصي ۾ هلچل پيدا ڪئي وڃي ته سڄي ايٿر ۾ ڏاڍي هلچل پيدا ٿي پوندي. ننڍڙا ساٿيو! اهڙي نموني جيڪو پروگرام به ريڊيو اسٽيشن تان ايرئيل وسيلي ٻڌايو وڃي ٿو، ان جو آواز ايٿر جي حصي ۾ هلچل مچائي ڇڏي ٿو. ايٿر ۾ هلچل سبب ان جون ريڊيائي لهرون سڄي دنيا ۾ پکڙجي وڃن ٿيون جيڪي ريڊيي جي ايرئيل مان گذري اسان واري ريڊيو سيٽ ۾ داخل ٿي وڃن ٿيون. انهيءَ کي توانائي يا هلڻ جي سگهه بجليءَ يا بيٽري سيلن ذريعي حاصل ٿيندي آهي. اهي لهرون جيڪي رڳو هوا جون لهرون هيون ريڊئي سيٽ اندر داخل ٿي آواز جي صورت ۾ بلدجي وڃن ٿيون ۽ جيئن ئي اسان ريڊئي جو بينڊ گهمايون ٿا ته ڪٿي ڪو گانو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو يا ڪٿي خبرون، معلوماتي پروگرام وغيره. ريڊئي جي وڏن وڏن حصن ۾ ڪنڊنسر، اسپيڪر ۽ ريزسٽس ڪوائل شامل آهن، جيڪي ريڊيائي لهرن کي آواز جو روپ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.