سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18418   ڀيرا پڙهيو ويو

مٽيءَ جي ٿانون جي تياري


چانهه جا ڪوپَ، بَسيون، ٿالهيون، مَڳا، دِلا، گهُگهيون، مَٽٰ، گلدان وغيره جيڪي اسان پنهنجي گهرن، هوٽلن، دُڪانن يا آفيسن ۾ روزانو خوب استعمال ڪريون ٿا، اُنهن بابت اوهان ڪڏهن سوچيو آهي ته اِهي ڪيئن ٿا ٺهن؟ ٻهراڙيءَ جي ٻارن ته چيڪي مٽيءَ مان ڪنڀر کي چَڪَ تي ٿانوَ ٺاهيندي ضرور ڏِٺو هوندو! چڱو...... اڄ اوهان سڀني کي مختصر ڄاڻ ڏيندي ٻُڌائينداسين ته انهن ٿانون جي جُڙڻ جو ڪهڙو طريقو آهي ۽ اهي ڪيترن مرحلن مان گذري، ٺهي جُڙي راس ٿي اسان تائين رَسن ٿا ۽ پوءِ زندگيءَ جي ضرورت بڻجي پون ٿا. انهن ٿانون جي تيار ٿيڻ لاءِ چار جُزا نهايت ضروري سمجهيا وڃن ٿا: (1) عام مِٽي جيڪا ڌرتي کوٽي ڪڍي وڃي. ان مٽيءَ جو رنگ ڪاراڻ مائل (ڪارَسُرو) ٿيندو آهي پر باهه تي پچڻ کانپوءِ اهو رنگ هلڪو ٿي وڃي ٿو ۽ اهڙي مٽيءَ مان تيار ٿيندڙ ٿانوَ ٿپا به سخت ۽ مضبوط ٿيندا آهن. (2) لَسي مٽي جيڪا اڇي رنگ جي ٿيندي آهي. جيڪڏهن ائين چئجي ته غلط نه ٿيندو ته ٻي ڪابه مٽي هن کان ويڪ اَڇي ڪانهي. ٿانون جو اڇو ۽ کيرَ جهڙو رنگ به انهيءَ اڇي مٽيءَ جو اصل عڪس آهي، جيڪو ڏسڻ ۾ ڏاڍو موهيندڙ ۽ سهڻو ٿئي، تنهنڪري ته لسي مٽيءَ مان ٺهندڙ ٿانوَ وڌيڪ پسند ڪيا وڃن ٿا. (3) چيني پٿر جيڪو ٿانون جي تياريءَ ۾ ڪتب آندو وڃي ٿو، ان ۾ اها خوبي هوندي آهي ته جڏهن اهو پوري طرح گرم ڪيو وڃي ته شيشي وانگر چمڪڻ لڳي ٿو ۽ وڌيڪ مضبوط به ٿيندو آهي. (4) ’فلنٽ‘ نالي وارو هڪ اهڙو پٿر آهي جيڪو ٿانون ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿو. هي تمام سخت پٿر ٿيندو آهي ۽ سليڪان جو هڪ قسم سڏجي ٿو. پٿر کي باههِ-بٺيءَ ۾ پچائي، پيهي پائوڊر ڪري ٺهندڙ ٿانون ۾ مِلايو ويندو آهي، جنهن جو فائدو ۽ مُکيه ڪم ٿانون کي ڦِڏو يا ٽيڏو ٿيڻ کان بچائڻ آهي. هن پٿر ڪري ٿانوَ پنهنجي اصل صورت ۾ خوبصورت، مضبوط ۽ پائدار بڻجي پون ٿا. مٿيان ذڪر ڪيل چارئي جُزا ڌار ڌار مشينن ۾ پيهي. پوءِ ڪاري ۽ اڇي مٽيءَ سان پاڻيءَ سميت ملايو ويندو آهي. هي ميلُ جيئن ته گهڻي انداز ۾ ٿيندو آھي ، انڪري هن ڪم لاءِ به مشين جي مدد ضروري آهي. انهيءَ گڏايل مٽيءَ ۾ ڪجهه ٻيون شيون به شامل ڪيون وڃن ٿيون. ان کان پوءِ انهيءَ کي ڇاڻي ڦوڏر وغيره الڳ ڪندا آهن ته جيئن مٽي بلڪل صاف ۽ نرم بڻجي پوي. پوءِ ان کي هڪ چقمق مٿان گذاربو آهي، ته جيئن وڌيڪ ننڍڙا رهجي ويل ڌاتوءَ جا ذرڙا به چقمق ڇِڪي وٺي. انهيءَ ڪم جي ختم ٿيڻ کانپوءِ ٿانون ٺاهڻ جو مرحلو شروع ٿئي ٿو. اوهان ٻارڙن جي سولائي ۽ سمجهاڻيءَ لاءِ ان ڪم کي وڌيڪ ٽن مرحلن ۾ ورهائجي ٿو. 1. ٿرينگ 2. پِريسنگ 3. ڪاسٽنگ پهرئين مرحلي ۾ چَڪَ تي ٿانوَن کي گهربل صورت ڏني ويندي آهي. ڪنڀر پنهنجي پيرن جي مدد سان چَڪَ کي ڦيرائيندو آهي. چَڪُ ڦيرائن سان گڏ تجربيڪار ڪاريگر آڱرين سان آلي مٽيءَ کي گهربل شڪل ڏيندو آهي ۽ ائين پيالا، ڪوپَ، جَڳَ، گُلدانَ، مَٽَ وغيره جوڙيندو، ڪنهن سانچي ۾ رکندو ويندو آهي، پوءِ انهن جي ڪنارن ۽ پاسن کي صاف ڪيو ويندو آهي. ٻئي مرحلي ۾ جيڪي ٿانوَ گهڻي تعداد ۾ جوڙڻا هوندا آهن، انهن جو پلاسٽر آف پئرس مان هڪ سانچو (mould) ٺاهيو ويندو آهي ۽ گهمندڙ سانچن تي پهريائين ڳوهيل مِٽي لڳائي ويندي آهي. ڪاريگر انهن جا پاسا ڇڏائيندو آهي ۽ پلاسٽر جي سانچي تي ٿانوَ تيار ٿي ويندا آهن، جن کي خشڪ ڪري لاهيندا آهن. ٽئين مرحلي ۾ مٽيءَ جو ريٻڙو سانچن ۾ پلٽيو ويندو آهي. انهن سانچن ۾ اهو انتظام ٿيل هوندو آهي ته اهي مٽيءَ جي گهِمَ کي جذب ڪري سگهن ٿا. ننڍن ٿانون لاءِ ته هڪ ئي سانچو ڪافي ٿئي، جڏهن ته وڏن ٿانون لاءِ ڪيترن ئي سانچن کان ڪم ورتو وڃي ٿو. ڪنهن سانچي ۾ ٿانوَ جو ڪو حصو تيار ٿيندو آهي ته ڪنهن سانچي ۾ ڪو ٻيو حصو. جڏهن ٿانون جا سڀ جُزَ ٺهي ويندا آهن ته پوءِ سڀني کي ملائي هر ٿانوَ کي هڪ سالم صورت ڏئي پالش ڪيو ويندو آهي. ان کان پوءِ ڪَچَن ٿانون کي جدا جدا مختلف صورتن جي مناسبت سان بَٺين ۾ پچائبو آهي. انهن بٺين ۾ ٿانوَ رکي باهه ٻاري انهن کي صفا بند ڪيو ويندو آهي. اهڙي طرح ٻَه راتيون ٻَه ڏينهن ٿانوَ باهه-بٺيءَ ۾ پچندا رهندا آهن. مقرر وقت بعد باهه جڏهن هلڪي ٿي وڃي ته انهن ٿانوَن کي ٻاهر ڪڍي، ڇَنڊي ڦوڪي صاف ڪيو وڃي ٿو. صفائيءَ وقت ٿانوَن جي معيار کي جاچيندي، سُٺا تيار ٿيل ۽ ڀَڳل ڀيلا الڳ ڪندا آهن. ڪِن ٿانون کي وري خوبصورت بڻائڻ لاءِ گل ڦل يا لڪيرون ڪڍي پوءِ مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ موڪليو ويندو آهي، جن جي سونهن ڏسندڙن کي خريدڻ تي مجبور ڪن ٿا.