سائنسي ڄاڻَ

ڪتاب جو نالو سائنسي ڄاڻَ
ليکڪ قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-70-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (609) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     18424   ڀيرا پڙهيو ويو

گليشئر


’گليشئر‘ انگريزي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنى آهي ’ڇِپَ‘ پوءِ اها مٽيءَ جي هجي يا برف جي، پر گهڻو ڪري هي لفظ برفاني ڇِپن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. جڏهن جبلن تي تمام گهڻي برف پوندي آهي ته ڪجهه وقت کانپوءِ اها چوٽين تي ڄَمي وڃي ٿي، اهڙي طرح سان وڏن وڏن برفاني ٽُڪرن جي صورت اختيار ڪري ٿي. ڪڏهن ته ايئن ٿيندو آهي جو ديوَن جيڏا وڏا برفاني ٽُڪرا (گليشئرز) جبلن جي چوٽين تان هيٺ تِرڪڻ لڳندا آهن، جيڪي ڏاڍي تباهي آڻيندا آهن. انهن جي ڪِرڻ جا به ڪيترائي ڪارڻ آهن. مثال طور: ڪيئي ڀيرا هي ڇِپون جبلن جي گهٽ لهواري مٿاڇري تي گهڻيون ٿُلهيون ٿي وڃن ٿيون، تنهن ڪري تِرڪڻ لڳن ٿيون يا هلڪو لوڏو به سندن ڪِرڻ جو سبب ٿئي ٿو. جابلو رستن تي گاڏين جي گذرڻ ڪري جيڪو ڌڌڪو ٿئي ٿو يا وڏن وڏن وڻن جي ڀڄڻ ڪري اهي هيٺ ترڪي پون ٿيون. اِها ڳالهه به ڏسڻ ۾ آئي آهي ته کنوڻ جي خوفنائتي کَڙڪي سان سوين ٽَنَ وزندار برفاني ڇِپ به هيٺ تِرڪڻ شروع ڪري ٿي ۽ پوءِ تمام تيزيءَ سان تباهي آڻي ٿي. سائنسدانن جي مشاهدي موجب انهن ڇِپن جي ڪِرڻ جي رفتارَ مختلف هوندي آهي. گهڻو ڪري برفاني ڇِپون جڏهن هيٺ ڪِرن ٿيون ته انهن جي رفتار ٻه سوء ميلَ في ڪلاڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. جڏهن ڪابه ڇِپ ڪِري ٿي ته جبل سان رڳڙجندي هيٺ اچي ٿي. اهڙي طرح اِهي ڇپون جبلن ۾ به ڏارَ وجهن ٿيون ۽ پنهنجي راههَ ۾ ايندڙ هر شيءِ کي نقصان رسائن ٿيون، ڇو ته ڇِپن جي ڪِرڻ جو عمل شروع ٿيندي ئي اُنهن جي اندر انتهائي گهڻي طاقت پيدا ٿي پوي ٿي، جيڪا رستي ۾ ايندڙ هوا کي به پنهنجي ڳوري داٻَ سان اڳتي ڌِڪي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ انهيءَ هوا ۾ تمام گهڻي قوت پيدا ٿي ويندي آهي. آسپاس واري ماحول ۾ جيڪا تيز هوا پيدا ٿئي ٿي سا انهن ڇِپن کان به وڌيڪ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿئي ٿي ۽ ڪيترا ڀيرا سوين ٽَنَ وزني ڇِپون ڪِرڻ بعد ڪيئي هفتا جابلو رستا بند ٿي وڃن ٿا ۽ اچ وڃ جو سمورو نظام ڊانوان ڊول ٿي وڃي ٿو. 